(67) نظير احمد ڀنڀرو
[ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار[
اصل نالو : نظير احمد
ادبي نالو : نظير احمد ڀنڀرو
ولد : ڪوڙو خان ڀنڀرو
ذات : ڀنڀرو
جنم : 18 جولاءِ 1965ع. تعليم : (D.A.E. (Itrumentation
ڪرت : وفاقي انڊسٽريل اداري ۾ سروس
رهائش : ضلع ملير، ڪراچي. رابطو: 03054751090
لکڻ جي شروعات : سن 1978 کان ”گل ڦل“ ٻاراڻو ادبي رسالو ۽ عبرت اخبار ۾ ٻارن جو صفحو.
ڇپيل مواد : سنڌ جي سڀني سنڌي روزاني اخبارن ۽ گهڻو مواد ڪراچيءَ کان شايع ٿيندڙ سڀئي سنڌي اخبارون.
لکيل صنفون : ڪالم، ڪهاڻيون. پيش آهي سندس هڪ ڪهاڻي
[b]لاسي گَڏھُ ۽ لُوسي گَڏَھُ
[/b]
مون هِڪُ گَڏَھُ وَرتو جَڏھن اڃان ڦَروٽو هئو ، کيس وَڏي چاھَ سان پاليم، پُڇَ کان ته لُنڊو هئو پَرَ اهو سوچي ورتو هئم ته ڀَلي نصل واري گَڏھِ جي نصل مان هئو، اُھا اهڙي گَڏَھ ھُئي جو هڪ ڏينهن پَنهنجي جان جي بازي لڳائي پنهنجي مالڪ جي جان بچائي هئائين سو مون گهڻيون ڊگريون پڙھيل لاسي گڏھُ جيڪو مون کي ڏاڍو وڻيو ان کي به ڇڏي ڏنم، جَڏھن اهو ڦَروٽو وڏو ٿيو باقائده گَڏَھُ نظر اچڻ لڳو ته خبرَ پيم ته هن ۾ ڪا شَناس ئي ڪانهي، ننڍي وڏي جو به لحاظ ڪونه اٿس، نه ڪو حلال حرام جي پرواه ٿو ڪري، سَڻڀي ديڳ تي اصل ڪريو پوي، سو اهو سوچي زھر جو ڍُڪُ پيتم ته جَڏھن پَڪو پُختو ٿيندو ته سُڌري ويندو، نيٺ منهنجي عزت خاطر ڪنيون عادتون ڇڏي ويندو، هڪ ڏينهن خبر پيم ته منهنجي کودڙي کي عقل ڏاٺ ڦٽي آھي سو دل باغ بهار ٿي پيم جو وڏڙن کان ٻڌو اٿم ته عقل ڏاٺ ڦٽڻ کان پوءِ عقل جا درياھَ وهي پوندا آھن، مان اِنَ خوشفهميءَ ۾ اهڙو مبتلا ٿي ويس جو بنا ڌَڙڪ سندس ويجهو وڃي جائزو وٺڻ شروع ڪيم پَرَ جڏھن پويان وڃي سندس لُنڊي پُڇَ جو جائزو وَٺڻُ چاهيم جنهن جو منهنجيءَ دل ۾ ڏاڍو اَرمان هئو ته ڀلا کڻي پُڇَ لُنڊو نه هجيس ها، عقلَ ڏاٺَ ڦُٽي اٿس ته مَنَ ڪو پُڇُ به ڦُٽو هُجيس اهو ويچار ڪندي وڏي چاھَ سان پاليل گَڏَھَ جي پوئين پاسي ويس، اڃا جائزو وٺڻ جي دِل جي حسرَتَ پُوري ئي ڪانه ٿي هئم ته ٻئي لَتون زورَ سان وَھائي ڪَڍيائين جيڪي سِڌيون لوندڙيءَ ۾ لڳم، اکين آڏو اوندھ اچي ويم ۽ پوءِ جنهن وقت هوش آيم ته پاڻ کي اسپتال جي آئي سي يو واري وارڊ ۾ موجود ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيس ته هتي ڇو آھيان ؟ ته سامهون بيٺل ٻن نرسن کي ڳالهائيندي ڏٺم، هڪڙيءَ ٻيءَ کي ٻڌايو پئي ته شڪر آ منهنجو پيشنٽ ته هوش ۾ اچي ويو ته ٻيءَ وراڻيس ته ائي ادي دعا ڪر ته منهنجو پيشنٽ به هوش ۾ اچي، ٻن راتين کان وائٽلز مانيٽرنگ ڪري ٿڪجي پئي آھيان، ڪالھه صبح واري ڪلينڪ ۾ ڊيوٽيءَ تي ته اصل جُهوٽا پئي کاڌم، مون واريءَ نرس چيس ته ادي رَبُ رَحم ڪندئي مان حيران ٿيس ته مريضَ کي دعا ڪرڻ بجاءِ هِڪَ نَرس ٻيءَ نرس کي دعا ڪئي ته “اَدي رَبُ رحم ڪَندئي“ سو کَڻي پڇيو مانس ته اوهان مريض کي دعا ڪرڻ بجاءِ نرس کي دعا ڇو ڪئي ته هڪ لمحو خاموش ٿي چيائين ته اسان ٻئي ٻه ٻه ڊيوٽيون ڪنديون آهيون، اسان جو مريض بيهوش ھوندو آ ته اسان کي مانيٽر تي نظر رکڻ لاءِ جاڳڻو پوندو آھي انڪري صبح جو ڪلينڪ واري ڊيوٽيءَ دوران جھوٽا اچڻ لڳندا آھن، اهي لفظ وٺندي سندس اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا، مون پڇين ته ٻه ڊيوٽيون ڇو ٿيون ڪيو؟ ٻنهي چيو ته اسان جا مُڙسَ ڪَمَ چورَ، ٺَڳَ ۽ بَدمعاشَ آھن، ڪير به کين مهيني کان وڌيڪ نوڪريءَ ۾ رکي ئي ڪونه، ڪڏھن لاڪپ به ٿي ويندا آھن ته به اسان ئي کين ڇڏائي اينديون آھيون، ايئن مڙئي اسان جي پوليس وارن سان ڪجھ سلام دعا ٿي وئي آ، مون چين ته ڇا ايترا بي غيرت آھن جو اوهان جي ذِلَتَ بَرداشت ڪن ٿا، ٻنهي چيو ته غيرت هجين ها ته عورتن جو حق ڪَمائِي ويهي کائن ھا ڇا؟ سندن اهي لفظ ٻڌي مون کي مٿي ۾ شديد سُور محسوس ٿيو ۽ شڪايت ڪيم ته نرس جلدي پين ڪلر انجيڪشن سرنج ۾ ڀَرڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته اوهان کي ڪنهن حادثي ۾ مٿي ۾ سخت ڌَڪُ لڳو آھي گهڻو نه ڳالهايو، مون پڇيس ته ڪھڙو حادثو، چيائين ته اوهان جي ياداشت به واش ٿي چڪي آھي، آرام ڪيو ته بهتر، پر مون کي صبر ڪونه آيو، مون ٻنهي کان پڇيو ته اوهان اهڙن حرام خور ۽ بي غيرت مڙسن مان ڦاٿيون ڪيئن ؟ هڪڙيءَ چيو ته ڌُوڙ پاتي هئم لَو ميريج ڪَئي هئم ته وري جنهن نرس جي ڊيوٽي مون سان لڳل هئي اُنَ چَيو ته منهجي مڙسَ جي ماءُ ته وڏي غيرتمند، سُلڇڻي ۽ سليقه شعار هئي، ڪڏھن به ڪُوڙ ڪانه ڳالهائيندي هئي، نماز روزي جي به پابند هئي ۽ منهنجي ڏاڏا جي خاندان مان هئي ۽ ھڪ دفعي پنهنجي جان تي کيڏي پنهنجي مڙسَ جي جان بچائي هئائين، سندس اهي لفظ ٻڌي مون کي پنهنجو لاڏ ڪوڏ سان پاليل گڏھُ ياد اچي ويو، جنهن مونکي اسپتال ڀيڙو ڪيو، اُن جي ماءُ به ته پنهنجي جان تي کيڏي پنهنجي مالڪ جي جان بچائي هئي. ايئن ئي وڏو ڊاڪٽر اچي نڪتو ۽ مونکان طبيعت پڇيائين، چيومانس، “بهتر آهي.. بس مٿي ۾ سُور آهي..!!“. ايئن چئي وڃڻ لڳو ته مون چيس “هڪ مسئلو حل ڪري وڃو”. چيائين، “ڪهڙو..!؟ جلدي ٻُڌاءِ.. ٽائيم ڪونهي..!!“. چيومانس ته “جنهن گڏھ مونکي بي رحميءَ سان پويان ٻئي لتون لوندڙيءَ ۾ هڻي، اوهان تائين پهچايو آهي، اُن جي ماءُ ته پنهنجي جان جي بازي لڳائي، پنهنجي مالڪ جي جان بچائي هئي، اُهو ئي ڏسي مون هِي گڏھ اُن وقت ورتو هو، جڏهن هِي اڃا کودڙو هو. جڏهن وڏو ٿيو ته ڏاڍيون شڪايتون ملڻ لڳيون، ته وڏو بي حيا، بدتميز ۽ بي رحم آهي. ننڍي وڏي ۽ ڪنهن چڱي جي به پرواھ نه اٿس. مالڪ جي جان بچائڻ جي بجاءِ مُرڳو سِر پئي کنيائين. آخر خصلتن ۾ ايڏو فرق ڇو..!؟“
ڊاڪٽر چيو، “ان ۾ ماءُ جو قصورناهي، ڇو ته D.N.A مان اصل خاصيتون پيءُ مان ٿينديون آهن. سندس ماءُ ڪنهن لاسي گڏھ مان هوندي ۽ تو وارو گڏھ لُوسِي گڏھ مان هوندو..!!“