(54) شاد ڇٽو
[شاعر]
اصل نالو : عبدالشڪور
ادبي نالو : شاد ڇٽو
ولد : حاجي علي محمد
ذات : ڇٽو
جنم : 1988ع
تعليم : ايم.اي سنڌي
رهائش : ڳوٺ صيفل خان ڇٽو، لڳ اڏيرو لعل اسٽيشن، ضلعو مٽياري.
رابطو: (0387045_0341)
لکڻ جي شروعات : 2003ع
ڇپيل مواد : امرتا، عبرت مئگزين، اديب، تعميرِ سنڌ، سنڌو، سوڀ، صبوح، ڪاوش، هالار وغيره
لکيل صنفون : غزل، نظم، وائي، ٽيڙو، پنجڪڙا، مقالا، مضمون، اُن کان علاوه گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “هر گل جي خوشبو پنهنجي“ ۾ شآعري ڇپيل.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
منھن مٽي آ ويو
دل ڦٽي آ ويو
درد جو دل اندر
ٻج ڇٽي آ ويو
سور صدما ڏئي
هُو سٽي آ ويو
روح رشتا سَکي
اڄ ڪٽي آ ويو
باز ٿي شاد هو
دل جهٽي آ يو
[b]پنجڪــــڙو[/b]
ڊسمبر تو وڏيون مڳيون آهن
تواسان جون دليون ڀڳيون آهن
راھ رستا تڪي ٿڪيون آهن
وڏ ڦڙو ٿي اکيو وسيو آهن
وري ڪيون تو ٺڳيون آهن
[b]چؤ سٽــــو
[/b]
محبتون تون ساھ ڏي
نفرتن کي باھ ڏي
باز شڪرو ٿي پرين
اچ،غمن کي ٽا ھ ڏي
[b]وائـــــي[/b]
اوندھ راتيون
کٽن نٿيون..!!
توسواءِ جانان
تتل تاتيون
کٽن نٿيون..!!
دل تي وار جيان
لڳل ڪاتيون
کٽن نٿيون..!!
دل ۾ دفن ٿيل
تنهنجو باتيون
کٽن نٿيون..!!
خوابن ۾ شادکي
تنهنجون جهاتيون
کٽن نٿيون..!!