(126) استاد راهي
[شاعر،محقق، ڪالم نگار، مضمون نگار]
اصل نالو : رحيم داد
ادبي نالو : استاد راهي
ولد : حاجي علي شير
ذات : سومرو
جنم : 01 سيپٽمبر 1969ع
تعليم : ايم.اي سوشل لاجي ۽ ايم.اي سنڌي، اي.ايم.سي .
ڪرت : استاد.
رهائش : چڪ شهر پوسٽ آفيس چڪ
رابطو نمبر : 03337278988 :030023072077
لکڻ جي شروعات : 1983ع
ڇپيل مواد : مختلف اخبارن، رسالن ۽ ميگزينن ۾.
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، ٽيڙو، چوسٽا، ڪالم، ڪهاڻي، مضمون، تحيقق.
ڇپيل ڪتاب : 1. “ياسر عرفات جي سوانحِ حيات”، 2. “مذهب جو فلسفو” 3. “مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ڪتاب جو ترجمو“، 4. “گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “سُک نه سُتا ڪڏهن” ۾ شاعري ڇپيل.
اڻ ڇپيل مواد : تقريباََ ڏھ ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.
[b]غـــــــزل[/b]
حياتي سموري رھي جستجو ۾
سنڌ ۽ سڄڻ سان رھي گفتگو ۾
سنڌ سونھن منھنجا ٻه موضوع آھن
ٻنھي سان رھي آ وفا سرخرو ۾
بَکي بي وسي ٿي ھتي زندگيءَ ۾
جبر ھيٺ خوھش خوشي آرزو ۾
ڀري رنگ آئي پکي چانھن جھڙا
وڻِي واھ گلڙن ڇٗڳي نازبو ۾
خدا جو بندو آ وڃي پاڻ ڄاڻي
نبي تي رکي يا رکي ستگرو ۾
پڙھي ڏس تون تاريخ استاد راھي
ڀاڳيلا ھي ڀاڳيا ھئا دودبدو ۾
[b]غـــــــزل[/b]
عشق الائي ڇا ڇا ميڙي
ڳولا پنھنجي معنا ميڙي
توڏي ڪئن مان لڙڪ اماڻيان
بي وس ڳليون سپنا ميڙي
مسجد مندر ڪيڏو روشن
وحدت پئي ٿي ڏيئا ميڙي
پوڙھو پيو ٿو پاٺا ميڙي
عمر اڃان ڀي ٿاٻا ميڙي
آءٗ خدا تون ھيٺ اچي ڏس
ڀؤ ٿو پنھنجا ٻانھا ميڙي
تڙ تي ڪو به تماشو ڪونھي
ڪير اسان جا واڪا ميڙي
ڀونء مان بٗڙڪي خوشحالي پر
ڇاتِي رات رنڀٗوٽا ميڙي
بک جو ڇا اخلاق به آ؟؟
عصمت پئي ٿي پئسا ميڙي
ڀيلٗ دراوڙ دعوت جا ٿو
بچيل سچيل کاڌا ميڙي
ڪعبي ۾ ھن دانھون ڪنھنجون
حاجي پاپَ پراڻا ميڙي
جيون گذريو آءٗ چوي ڪو
سينو منھنجو صحرا ميڙي
ھو جو ھليو ڏٗور ويو آ
جيون راھي صدما ميڙي