(51) شاھده کوکر
[شاعره]
اصل نالو: شاھده پروين
ادبي نالو: شاھده کوکر
والد جو نالو: امير بخش
ذات : کوکر
رھائش: لاڙڪاڻو
تعليم : ايم.اي سنڌي ادب، ايم.اي ايڪانامڪس، ايم.اي اسلامڪ ڪلچر،ايم.اي صحافت
لکڻ جي شروعات: 1980ع
ڇپيل مواد :عبرت ميگزين، پرھ، ڪينجھر، سرتيون، ھزار داستان، نئين زندگي، سنڌ سجاڳ، ھلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت.
لکيل صنفون: غزل، وائي، بيت، گيت، چوسٽا، پنج ڪڙا.
ڪتاب ڇپيل: 1.”ريشمي خواب ۽ تنھائي“، 2 . “ھانء ھاريو متان“
اچڻ وارو. ھڪ ڪھاڻين جو ڪتاب اڻ ڇپيل موجود.
سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل[/b]
قدرت قديم قائم مٽجي وڃي ٿو باقي
ٻيو وقت سان مٽيءَ ۾ لٽجي وڃي ٿو باقي
هڪ سور جو هي رستو آهي ڊگهو ازل کان
دم دانهن ويلَ، ويلو ڪٽجي وڃي ٿو باقي
ويساهه ئي سدائـين سائو رهي سفر ۾
هر ساهه ڏيھه ڏک ۾ ٿڪجي وڃي ٿو باقي
زندھ ضمير جرڪي انسان جي عمل سان
پيئسو ۽ لوهه لوڀي زنگجي وڃي ٿو باقي
ڪردار شاهده! هڪ دائم رهي دنيا ۾
هر پير ڪوڙ وارو پٽجي وڃي ٿو باقي
[b]غـــــزل[/b]
تو ڪونہ اڃان ڄاتوھن ھانو جي ھڏڪيءَ کي
آ موت مٺو پھتو ھن ھانو جي ھڏڪيءَ کي
سک ساءِ نہ ٿي سنڀران پل پل ۾ پئي پڄران
ٿي درد ملیو تحفو ھن ھانو جي ھڏڪيءَ کي
ٻُوساٽُ قھر آھي ھر ویل زھر آھي
تون ڀانءِ نہ ڪَلُ ڪوڪو ھن ھانو جي هڏڪيءَ کي
تنھن ویل وري ورندین ھن جيءَ جیاپي ڏي
جنھن ویل بہ تو ڄاتو ھن ھانو جي ھڏڪيءَ کي
شاھدہ کي وساریندین احساس کي ماریندین
آ نینھن اڃان ناتو ھن ھانو جي ھڏڪيءَ کي
[b]وائـــــي[/b]
سڏ سڻي ڪوئي
ڪوهن جي هن ڪاڪ ۾!
سور جهليندي ڪيترا
لڱن جي لوئي
ڪوهن جي هن ڪاڪ ۾!
سنڌوءَ جهڙا لڙڪ ها
ڇڏيا ڳل ڌوئي
ڪوهن جي هن ڪاڪ ۾!
گذري ويندي شاهده
عمر اديون ! روئي
ڪوهن جي هن ڪاڪ ۾!