(109) ممتاز خادم
[شاعر]
اصل نالو : ممتاز علي
ادبي نالو : ممتاز خادم
ولد : محمد اسحاق
ذات : ميمڻ
جنم : 1968ع
تعليم : ايم.اي سنڌي
رهائش : قاضي احمد
رابطو : 03003246101
ڪرت : سرڪاري ملازم. لکڻ جي شروعات : 1990ع
ڇپيل مواد : مختلف مئگزين، رسالا ۽ اخبارن ۾.
لکيل صنفون : غزل، وائي، آزاد نظم، دوها، چؤسٽا، هائڪا۔
مرتب ڪيل ڪتاب : 1. ساٿ چڙھندو لڪئين، 2. مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن. اُن کان علاوه ٻن ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد موجود.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
رات به توکي ساري نيڻ ستا ناهن
لڙڪ اکين مان هاري نيڻ ستا ناهن
رات سموري چنڊ چڪور سان ڳالهين ۾
تارن کي به سمهاري نيڻ ستا ناهن
ٿر ۾ بک وگهي ٿا ننڍڙا ٻار مرن
ڳالهه اها ويچاري نيڻ ستا ناهن
ڄام تماچي تڙ تي پهچي هيئن چيو
نوري ڏانهن نهاري نيڻ ستا ناهن
خادم وٽ هو رات متان ڀلجي به اچي
ديپ اکين جا ٻاري نيڻ ستا ناهن
[b]وائـــــي[/b]
رستن چارن سان
چنڊ ستارن سان
ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين ؟
شام جو تون هيڪلي
سمنڊ ڪنارن سان
ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين ؟
آئيني سامهون اچي
پنهنجن وارن سان
ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين ؟
ديپ وساڻو اونداهي ۾
هاڻي جارن سان
ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين ؟
يونيورسٽي جي ڇوڪرن
هيڏن سارن سان
ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين ؟
چانڊوڪي ۾ رات جو
خادم پارن سان
ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين؟
[b]دوهـــــا[/b]
تنهنجي خاطر منهنجي دل ۾ ھڪڙو آهي راز
ايئن سليندس توسان ساجن ٻيو نه ٻڌي آواز
ڪان خبر پئي ڪير رکي ويو گل ڪتابن ۾
مونکي سوچن منجه وجهي ويو پاڻ حجابن ۾
[b]ٽيـــــڙو[/b]
اکين سان اورڻ
حال ڏيڻ ڪنهن کان سکئين
بنان چپ چورڻ
٭٭٭
بادل پيا برسي
مونوٽ اڄ تون سانورا
رات پئو ترسي۔