شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(83) معصوم سندرائي

تعارف نمبر (83)

[شاعر]

اصل نالو : ارشد علي
ادبي نالو : معصوم سندرائي
ولد : عبداللّه 
ذات : مهر
جنم : 01 فيبروري 1982ع
رهائش : سوندر تعلقو ننگرپارڪر
رابطو : 03458587086
لکڻ جي شروعات : آگسٽ 2005ع
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، ٽيڙو، چؤسٽا  وغيره
 ڇپيل مواد : هالار، سنڌ رنگ، سنڌو ڊائجسٽ، عبرت مئگزين، خبرون، مهراڻ، تعميرِ سنڌ، هزارداستان، ڪيسوبا مئگزين، سامروٽي، ٻانهياري، سوڀ، سنڌ ايڪسپريس، الراشد ۽ ٻين مختلف ميگزينن ۾. 
 اڻ ڇپل ڪافي مواد موجود.

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غـــــــزل[/b]

جلون آڳ ۾ خود نمائي ٿيون
ملڻ کان اڳي ڇو جدائي ٿيون

ستارن کي ٽانڪي سفر تي هلون
خلا ۾ ختم ٿي خدائي ٿيون

پٿر کان پڇون ۽ پٿر ٿي رهون
زمانا ڇو تنهنجي سچائي ٿيون

ٿئي جا نہ ميّسر انهي تي روئون
انهي کان اڳي چوٽ ڪائي ٿيون

حياتي هي پوري لکي ٿا ڏيون
رڳو درد کان بس رهائي ٿيون

[b]غـــــزل[/b]

رُڳو چاهيم ملي مُڪتي ڪٿي گُھريم خدائي ڏي
وڇوڙي کان خُدا مونکي حياتي ۾ رِھائي ڏي

مڃون ٿا شگر واري کي جُليبيء ڪا چڱي ڪونهي
اها نمڪين پاڙي کي حصي ۾ مڻ مٺائي ڏي

جيئڻ جي موڍ ۾ آھيون پيئڻ کان يار ٿو روڪين
ٻہ ٽي ڍڪڙن مان ڇا ٿيندو اسانکي ڪجھه سوائي ڏي

اسانجي ڀاڳ ۾ ناهي اوهان جي حسن جي سُرڪي
خدارا قسط تي هيڪر حياتي کي پوائي ڏي

اوهان جي ياد کي ميڙي سُتو آھيان صحيفي تي
اکين جي آھ زاري ڏس پٿر کي پارسائي ڏي

[b]نظـــــم

”رات“[/b]

رات رقاصا جي بدن تي
رهجي وئي آھي..!!
۽ آئون ڏينهن جو خواب ڏسي
خدا جي ڳُجھه ۾ ھٿ وجهي رهيو آھيان.
ڪاش..!!
آئون تنهنجي رخسار واري تِرَ تي
ڪنهن اردو شاعر جي
سِٽن جهڙي ڪا سٽ لکي سگهان ها،
پر ايئن نہ ڪري سگهيس..!!
بک منهنجي هر سوچ کي
مروڙي ۽ ماري ڇڏيو آھي..!!
آئون هڪڙي ڦٽ پاٿ تي
ويٺل مواليءَ جي لاءِ 
نہ ملندڙ آفيم ٿي ويو آھيان..!!
سڄو شھر ڊوڙي رهيو آھي
۽ اڪيلو مان
خدا جي برابري تي سوچي رهيو آھيان..!!
