(101) وفا گل محمد
[شاعر]
اصل نالو : گل محمد
ادبي نالو : وفا گل محمد
ولد : محمد نواز
ذات : جمالي
جنم : 02 مارچ 1988ع
رهائش : شھدادڪوٽ.
رابطو: 03337504137
تعليم : ايم.اي سنڌي
ڪرت : استاد. لکڻ جي شروعات : 2013ع
ڇپيل مواد : عبرت مئگزين، ھزار داستان، سنڌو مئگزين، ادب.
لکيل صنفون : غزل، نظم، وائي، نثر.
ترتيب ڏنل : ھڪ ڪتاب “پير پير جو پنهنجو پنڌ“ گڏيل شاعري.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
تو پڄاڻان شاد ڪاٿي زندگي
آ رهِي آباد ڪاٿي زندگي
سار تنهنجي کان به فرصت ڪين آ
تون ئي تون آن، ياد ڪاٿي زندگي
داد جا در بند آهن ڇا ڪجي
هِي ڏِيان فرياد ڪاٿي زندگي
مختصر آ وقت سڀ وٽ ساھ جو
آ ڊگهي ميعاد ڪاٿي زندگي
دل شڪسته، دل نه ٿئي ٻيو ڇا ڪري
آ رهيو ڪو داد ڪاٿي زندگي
بس رڳو تنهنجو جمالي آ مُئو
ٿيو وفا برباد ڪاٿي زندگي
[b]نظـــــم[/b]
"چنڊ جي وڪري جو اشتهار"
چنڊ جي وِڪري جو ڇاپي اشتهار
رات ڪنهن اخبار جئن آهي پُڳي
سڀ ڌنڌوڙي خواب ٿا ٻوليون هڻن
خوبصورت چاندنين جي روپ جا
ٿا لڳن هوڪا سرِ بازار ۾
نيڻ وڪجي ٿا وڃن ساڃاھ جا
ٿا ٿين سودا گهڙيءَ ۾ راھ جا
کڙڪڻا ڪئِين نوٽ جهومڻ ٿا لڳن
ٿِيون ڪِرن دانشوريون سڀ ٿاٻڙي
ليکڪن جا مُلھه ڪَٿجي ٿا وڃن
نظرين جا ريٽ سڻڀا ۽ سٿيل
ڳوٿرين جا مُنهن به کولي ٿا وٺن
ڪو به اهڙي دلربا ماحول ۾
پاڻ کي ڪاٿي سنڀالي ٿو سگهي
قلم جون نوڪون ٿين نيلام ٿيون
۽ هزارين نظرياتي ذهن ڀي
ٻن ٽَڪن تي پاڻ کي وڪرو ڪري
ديس جا دلال بڻجي ٿا پون
ان رذالت جي فضا ۾ شخص ڪو
جي اگر لکندو رهي ٿو سچ ڪو
سو گهڻو تاريخ کان آ مٿڀرو
سو گهڻو اتهاس کان اوچو به آ
گيت آ نغمو به آ
دودو به آ جوڌو به آ..!!