(17) ساحر راهو
اصل نالو: عبدالرحمٰن
ادبي نالو : ساحر راهو
ولد: احمد خان راهو
ذات : راهو
تاريخ پيدائش: 1-آڪٽوبر-1963ع
ڳوٺ: شهمير راهو، موجوده ضلعو مٽياري، تعلقو نيو سعيد آباد.
تعليم: انٽر
رابطو: (8862567_0300)
ڪرت :سرڪاري نوڪري
ڇپيل ڪتاب:
1. خواب کٿُوري چنڊ (غزل) 2. سانوري شام (غزل )، 3. نيڻ سجدي ۾ (غزل)،4. خوابن جي خودڪشين کان پوءءِ (غزل ۽ نظم گڏيل)، 5-وهي پت جھڑ ہے آنکھوں میں (اردو.غزل)، 6. دل جي ڳلي (غزل)
ڪتاب اڻ جهاڳ اڪيلائي (غزل) ڇپائيءَ هيٺ.
مليل ايوارڊ : سوجهرو ايوارڊ ،ڊاڪٽر تنوير عباسي شليڊ ،ڄام خان جمالي شيلڊ سڪرنڊ ،حاجي علام نبي رند شيلڊ سڪرنڊ ٻه ڀيرا، سنڌ راڻي ايوارڊ حيدر آباد، ماهوار ناٽڪ شيلڊ ڪراچي ،اڻ مُلهه اثاثو اعزاز ايوارڊ.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
بادل پهاڙ جُگنُو رستا رباب جهرڻا
ڪنهنجي تلاش ۾ ها درياه گلاب جهرڻا
مسلڪ هُجي مٿانهون جنهن جاءِ تي بندي کان
ڪهڙي وقعت رکن ٿا اُن جاءِ ڪتاب جهرڻا
رُڃ جي فصيل فطري صحرا نديءَ جي وچ ۾
محرم نه دوست ٿر جا چشما حُباب جهرڻا
تنهنجي نفيس لهجي پل ۾ ڪري ڇڏيا هن
محبُوب دل جا بنجر جل ٿل خواب جهرڻا
ترديد ڪا نه ٿيندي ميخاني ۾ وڃڻ جي
تجديد لئه پيون ٿا زاهد شراب جهرڻا
چوڳي جي چاهه موهيا پلڪُن ۾ جاڳ پوئي
جهُوپن جي ڀر ۾ ڇڏيا ڪجلا شباب جهرڻا
آڪاس ۽ زمين جي ڀر بي وٿي ته ڪڏهين
سوراخ سنگ مان ڀي ڪڍندا جناب جهرڻا
چهرا پڙهي شهر جا بنجر ها ياد آيا
واهڻ جا صافُ اُجرا ساحر حجاب جهرڻا
[b]غـــــــزل[/b]
پُرڪيف دلبرايون دلڪش خواب رستا.
مدهوش مهه جبينيون ميڪش خواب رستا.
انجيل جهڙيون اکيون توريت جهڙا چهرا.
سانوڻ جي شام ناسي ترڪش خواب رستا.
ويڻيءَ ۾ ويڙهي گجرا ماٿي تي تلڪ ٺاهي.
ڪجري گُجر ڪيا تو پُرڪش خواب رستا.
توسان ته ڇڄيسُ ته ڇرڪيا مخمور خواب چارا.
توسان مليسُ ته مهڪيا سرڪش خواب رستا.
خاموشيون خريدي هڪ مُرڪ ۾ ملايا.
مايوُس ماڻڪين ۾ مُنڪش خواب رستا.
رُڪجي ته روڪجن ٿا سنوري ته گهورجن ٿا.
منظر هوائون ساگر گردش خواب رستا.
لُوڻياٺ ۾ لپيٽيل پاڻياٺ ۾ پُسايل.
ميلاپ جي اڌُوري خواهش خواب رستا.
ايمان ۾ وجهن ٿا مومن جي ڏار ساحر.
ڇورين جا سينا ڇُلڪي بارش خواب رستا.