(52) خيال کتري
[شاعر]
اصل نالو: بشير احمد
ادبي نالو: خيال کتري
ولد : محمد حافظ
جنم: 6 جون 1970ع
ذات: کتري
رھائش: مٽياري
رابطو: (3093973_0300)
تعليم: B.Sc، B.Ed
لکڻ جي شروعات: 1988ع
ڇپيل مواد: اخبارون: ڪوشش، عوامي آواز، ڪلياڻ، ٿعمير سنڌ، مھراڻ، فيصلو، پاڪ، هفت روزہ دين، ماھوار ضياءَ اسلام وغيرہ
لکيل صنفون : مضمون، حمد، نعت، مناقب، غزل، بيت وغيرہ
چار ڪتاب ڇپيل
1. ذڪر پاڪ شاھ لولاڪ 2. حضرت سيدنا صديق اڪبر رضي اللہ عنہ. 3. سوال جواب 4. حضرت عثمان غني رضي اللہ عنہ.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
الائي ڇا پئي چئي، چوري پئي چپن کي
خيالـــــــن کي آڻي، سوري پئي چپن کي
ڏمرجي پئي آ مون تي مــٺي اجايــــــــو
اٿس ڪا تہ ڪاوڙ، ڪوري پئي چپن کي
سدا سرخ چــپڙا، تيزاب سان ڪري تـــر
اجايـــو مکي مک، جھوري پئي چپن کي
سـعـادت مـلي ھـڪ ڀيرو چــپن چـمڻ جي
ڪڏھن ٿو چمي ڏي، گھوري پئي چپن کي
ڪيو ترڪ ڳالھائڻ ھو جنھن خيال سوئي
اچي ويجھو ھـوري ھـوري پئي چــپن کي
[b]غـــــــزل [/b]
ڪرين تون ڇا پيو ، وڃي ڪک پن جي ڪر
هتان سڀ ڪو ويو ، وڃي ڪک پن جي ڪر
دنيا کــيتي اٿـئي، ڪري وٺ ڪار ڪو
جيئـــڻ ڪارڻ جـــــيو ، ڪک پن جي ڪر
ڪري جـو مــوٽ ۾ ڀـلائـــيءَ سان ڀــلــو
ڪٿي ڪنهن سان ٿيو ، وڃي ڪک پن جي ڪر
دنيا دو رنگ آ، وڏائــــي پــر ڪــــٽي
رڳــو نيــڪي نيو ، وڃي ڪک پن جي ڪر
ســچو ساٿي خيال ، هِـــت آهي ڪـــٿي
نه آهي ڪو ٻيو ، وڃي ڪک پن جي ڪر