(20) مخمور رضا
[شاعر]
اصل نالو : غلام رضا
ادبي نالو : مخمور رضا
والد جو نالو: علي گوهر
جنم: 2 مارچ 1996ع
ذات: ميمڻ
تعليم : گريجوئيشن
رهائش : اللّٰه آباد لاڙڪاڻو
رابطو: (4300687_0300)
لکڻ جي شروعات: 2013ع کان
ڇپيل مواد : ڪاوش سنڊي مئگزين، سوڀ سنڊي مئگزين، عوامي آواز سنڊي مئگزين، سنڌ ايڪسپريس سنڊي مئگزين، فاسٽ اخبار. سڦلتا مئگزين. نئين آس مئگزين ۽ عبرت مئگزين.
لکيل صنفون :غزل ۽ وائي وغيره
ڇپيل ڪتاب: " هينئڙي منجهه هڳاءُ" شاعري 2016ع ۾، ۽ “درد جو آڪاس“ شاعري 2017ع ۾.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.
[b]غــــــزل[/b]
هنڌ، هنڌ کان پيو ٽٽي من آ
آسمانن تان پيو ڪِري من آ
تنهنجي نڪري پناهه مان، سچ آ
منهنجو اجڙي ويو سکي! من آ
عشق جي ڪنهن وشال صحرا ۾
منهنجو ننڍڙو ويو رُلي من آ
تنهنجي! سهڻين، حسين ساروڻين
جي سهاري رهيو هي جي من آ
خوابَ خوشين سندا ڏسي سُرها
ڪيترو هي پيو ٿڪي من آ
چيچ پڪڙي هليو محبت جي
زندگاني خدا! سڄي من آ
سنڌڙيءَ کي ڏسي عذابن ۾
پنهنجو پوندو صفا لُڇي من آ
ڌڪ گِهرو لڳڻ سبب منهنجو
اڄ مخمور ويو مري من آ
[b]غــــــزل[/b]
ڪيترا ظلم سهندي رهي سنڌ آ
اذيتن ۾ ازل کان وٺي سنڌ آ
ايترا نيري اُڀ ۾ به تارا نه هن
جيترا نير رَت جا رُني سنڌ آ
هوڏانهن دشمن هٿيارن سان آهن سوين
هيڏانهن خالي هٿين هيڪلي سنڌ آ
آهي تاريخ شاهد، ڪڏهن ظلم ۽
ڏاڍ آڏو نه پنهنجي جُهڪي سنڌ آ
لاشَ ڍوئي جرارن ۽ جوڌن سندا
ڪيڏو مظلوم ٿڪجي پئي سنڌ آ
گهر، ٻنيءَ ۽ ونيءَ، ٻارڙن، جند کان
مونکي مولا ڏسي ٿو مٺي سنڌ آ
ڪيئن نه تڙپان، لُڇان ۽ جُهران آنُ هيئن
منهنجي مخمور چئي جو ڏکي سنڌ آ