(71) اندارا شبنم پونا والا
[شاعره، ڪهاڻيڪاره[
اصل نالو: اِندرا شبنم شهدادپوري
ادبي نالو : اندارا شبنم پونا والا
والد جو نالو: ٽيڪچند داس شهدادپوري
ذات : شهدادپوري
جنم : هنڌ ڪراچي سنڌ
پاڪستان ۾ رهائش : پهرين سندن وڏا شهدادڪوٽ ۾ رهندڙ، پوءِ ڪراچي ۽ آخر ۾لاڙڪاڻو.
هاڻوڪي رهائش : پونا، مهاراشٽر،انڊيا
تعليم: بي.اي، بي.ايڊ، ايم.اي.
ڪرت : ڪاليج پروفيسر، وائيس پرنسپال.
ڇپيل مواد : سنديا، لوڪ، پوپٽ وغيره
ٻن ڪهاڻين جي ڪتابن 1. عبات، 2. ضمير پنهنجو پنهنجو سميت ڇپيل ڪتاب : 21 سنڌي، هندي، مراٺي، اردو ۽ انگلش.
ٻن گڏيل ڪتابن ۾ پڻ شاعري ڇپيل: 1. پير پير جو پنهنجو پنڌ،
2. ادب آبِ حيات.
لکيل صنفون : غزل، نظم، گيت، وائي،چؤسٽا ڪهاڻيون وغيره
ٽيليڪاسٽ ٿيل اسٽوري : ”ٽڙيل پکڙيل“ ۽ ”عبادت رشتا“.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
جيڪڏهن عرش ڏي پرواز کپي
ڪانو ڪٻريون نه، شهباز کپي
نيون ڳالهيون نئون آواز کپي
ڪو نئون اعجاز يا اعزاز کپي
زنده گهڻيئي نه مگر زنده دل
موڳو مردو نه ڪو جانباز کپي
پنهنجي منزل تي پڄي سگهنداسين
پر اثردار ڪو اعجاز کپي
سُور هرڪو ئي ونڊڻ چاهي ٿو
دل وٺڻ وارو ڪو همراز کپي
ڪوئي پنهنجي دل لٽي ڇونن ڇڏي
خوبصورت ڪوئي انداز کپي
[b]نثري نظـــــم
“واقفيت” [/b]
ڪنهن طلسمي
ڪشش وس
اسين ٻئي
ڇڪجي ٿا گڏجون
بار بار
ائين ٿو محسوس ٿئي
اسين ٻئي
هڪ ئي باھ جي تپش مان
ڄرن مان
ٿورو سيڪجي
ڪجھه جليل چمڙي
ڪجھه رهنڊون
چنڊ، زخم ۽ ٿورن زخمن جا نشان کڻي
زنده سلامت بچي ايندا رهيا آهيون
شايد..!!
ڪنهن هڪ ئي آزمودي
هڪ ئي درد جو رشتو
اسان ٻنهي جي وچ ۾..!!