(112) علي منصور
[شاعر]
اصل نالو : علي بخش
ادبي نالو : علي منصور
ولد : عبدالغني
ذات : سنڌي پٺاڻ
جنم : 14 جنوري 1983ع
تعليم : مئٽرڪ پاس
رهائش : هاڻي محنت مزدوري جي سلسلي ۾ سعودي عرب، اصل گھوٽڪي سنڌ.
لکڻ جي شروعات : 2005ع.
رابطو : 00966551473199/ 03003446212
ڇپيل مواد : سنڌ ايڪسپريس، سوڀ، باک رسالو، عبرت مئگزين ۽ ڪجھه ٻين رسالن ۾.
لکيل صنفون : غزل، نظم، وائي، چؤسٽا، نثري نظم، بيت، ڪجھه ٽيڙو ۽ هائيڪا.
ٻن ڪتابن جيترو مواد موجود. سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.
[b]غـــــــزل[/b]
عڪس آهيان ٻن چپن جي چاھ جو
مون کي ڪو پَٿر نه سمجهي راھ جو
درد منهنجا انڊلٺي احرام ۾
رنگ تِن تي آ چڙهيل ويساھ جو
آ نه واقف عاشقيءَ جي انت کان
دين ڪهڙو ۽ ڌرم گُمراھ جو
مون پتنگي جيئن جلي تولئہ پرين
لُطف پاتو عشق جي آڙاھ جو
ٿي حياتيءَ ۾ اسان تي ڇانورو
ڀروسو ڪونهي ڪو کڄندڙ ساھ جو
هِن ڪنڌي منصور ٿو تو لئه لُڇي
تون ڪنارو، ٻيو بڻينءَ درياھ جو
[b]نظـــــم[/b]
قبيلائي جهيڙا..!!
کپائي ڍور سڀ گهر جا
وٺي هٿيار آيا جي
خريدي هوڏ پئسن سان
ٿيا انسان مان وحشي
ڪُڌا جهيڙا قبيلن جا
پيا ڪن قوم کي زخمي
وڌائون وير نانگن جان
ڪُٺائون ڪيترا ڪونڌر
وڏا قاتل وڏا اجگر
وڌائي وحشتون گهر گهر
بڻيا زوري ونين جا ور
ڪيو برپا وتن محشر
لڀي سک ڪو نه ٿو ڪنهن پر
جنين ميڙيا مهينن کان
ڪلاشنڪوف لئه ڏوڪڙ
ٻچن جي پر ڪتابن لئه
نه پئسا پانڌ ۾ تن جي
ڪلاسن کان ڪلاشن جو
مٿاهون مرتبو ڀانئن
ڏَسيو ڪهڙو ڏيون ٿا پيا
نسل ايندڙ کي آئيندو
اهي ڇا ڀاڳ ماڻيندا
وڙهي هڪٻئي کي ماريندا
ڏَسيو ڪا مات ڀي ايندي
انهن بيمار ذهنن کي
ڏَسيو هي رات ڀي ويندي
۽ چوڏس روشني ٿيندي
جڏهن ڪرندو نه ڪو لاشو
ٿئي سک چين جو واسو
جمالا ڳائبا هر هنڌ
ٻچا پرڻائبا هر هنڌ
پڙهڻ ويندا ننڍا نينگر
ڪٺي سڀ ڳوٺ منهنجي جا
نه جن کي ٿا اماڻيون اڄ
مرڻ جي خوف کان ٻاهر
نه جن کي ٿا اماڻيون اڄ