شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(96) جميل سومرو 

تعارف نمبر (96)

[شاعر]

اصل نالو: جميل احمد
ادبي نالو: جميل سومرو 
ولد : محمد ابراھيم 
ذات : سومرو
جنم : 05 جنوري 1969ع  تعليم: ايم.اي ( اڪنامڪس)، ايم.ايڊ
ڪرت : ھاءِ اسڪول ٽيچر. رابطو: 03337242432
رهائش : تعلقو ڏھرڪي، ضلعو گھوٽڪي، سنڌ.
لکڻ جي شروعات : بي ضابطہ 1992ع کان ( جملي 2 کان 44 غزل ۽ پوءِ ڊگھي ماٺار)، باضابطہ شروعات 2013 کان.
ڇپيل مواد : مھراڻ ، ڪاوش، ناٽڪ، پوپٽ وغيره. 
لکيل صنفون : بيت، وائي، ڪافي، غزل، ٽيڙو، ترائيل، سانيٽ، نظم، دُھري، چوسٽا، ھائيڪا، نثري نظم ۽ مضمون وغيرہ 
ڇپيل ڪتاب: "ريشم جھڙا خواب"

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غـــــــزل[/b]

سنگيت ۽ سُر تار تي پهرا نه لڳايو
فطرت سان کُليل پيار تي پهرا نه لڳايو

هر شوخ ڪلي واءُ ۾ آزاد ڇڏي ڏيو
احساس تي اظهار تي پهرا نه لڳايو

نيڻن ۾ رکي خواب سنهرا جو وڌي پيو
مسڪين جي هن ٻار تي پهرا نه لڳايو

پئِي امن محبت سڄي دنيا ۾ پکيڙي
صوفيءَ جي سوچ سار تي پهرا نه لڳايو

ماڻهن جا مئل روح ڪلا ساڻ جياري
راڳيءَ تي ، ڪلاڪار تي پهرا نه لڳايو

هي شاهه، سچل پيار جي پيغام جا داعي
ڪنهن بيت جي جهونگار تي پهرا نه لڳايو

[b]وائــــــي[/b]

نديءَ گهَري ننڊ ۾
  سانجهي سج لٿي..!!

پير نه ڪو پاڇو
گهٽي گهَري ننڊ ۾
   سانجهي سج لٿي..!!

اڀ تي چنڊ رڳو
پکي گهَري ننڊ ۾
   سانجهي سج لٿي..!!

ساري ڏينهن جو ٿڪ
ونيءَ گهَري ننڊ ۾
   سانجهي سج لٿي..!!

ٻوڙ نه ڪا مانيءَ
وَٽي گهَري ننڊ ۾
   سانجهي سج لٿي..!!

پورو ڳوٺ سُتل
ٻنيءَ گهَري ننڊ ۾
   سانجهي سج لٿي..!!

بابا ڪونه وريو
ڪِڪِي گهَري ننڊ ۾
    سانجهي سج لٿي..!!

[b]پنجڪـــــڙو[/b]

ڪپهه ڄڻ ڪانڀ ۾ آهي
پشم جهڙو بدن هنج ۾
آ نيرولو گگن هنج ۾
سکي اڄ سانڀ ۾ آهي
ڪپهه ڄڻ ڪانڀ ۾ آهي
