(29) انجم قاضي
[شاعر[
اصل نالو : دين محمد
ادبي نالو : انجم قاضي
ولد : گل حسن
ذات : قاضي
رھائش : سِٽِي نئون ديرو ، ضلعو لاڙڪاڻو
رابطو: (2778935_0334)
لکڻ جي شروعات : 95-1994ع
ڇپيل مواد : تقريبن سنڌ جي سڀني ، رسالن، مئگزين، اخبارن ۾
لکيل صنفون : غزل، وائي ، بيت ، نظم ، ڏيڍ سٽا ۽ ھائيڪا وغيره
ڇپيل ڪتاب : 1. ڳوڙھو ڳوڙھو سوڳ ۾، 2.نئون نئون مڌ آ ( گڏيل شعري مجموعو ). ٽيون ڪتاب اچڻَ وارو.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل [/b]
ٿي رات وَئي ڪيڏي ، لمحن ۾ اُداسي آ
ٿو چنڊُ ڏئي پھرو ، رستن ۾ اُداسي آ
تنڀوءَ جي مٿان بيٺو ، اي سنڌ اَمان تنهنجو
ڦڙڪي ٿو پَپو پرچم ،جهونڪن ۾ اُداسي آ
ڇو راس اچي ڪوئي ،منظر نه اسانکي ٿو
جنمن کان وٺي پنهنجي ، دلين ۾ اُداسي آ
رستي ۾ اچانڪ اَڄُ ، جئن پاڻَ مليا آھيون
پنهنجي ٻنھي جي لفظن ، لھجن ۾ اُداسي آ
ڪو خوابُ حقيقت آ ماڻي نہ سگهيو انجم!
تڏھين ته وَئي رھجي ، نيڻن ۾ اُداسي آ
[b]غــــــــزل[/b]
دل جي لڳيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان
ھِڪَ عاشقيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان
خاموش شھرَ جي هر رستي تي چنڊَ جِي
آوارگيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان
ڇاتيءَ مَٿان جا ھُنَ جي ، ويئي چُمي ڏئي
تنھن مينھَن ڪڻيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان
رنگينِ شامَ ، اُڀَ تي اُڏندا پکي رهيا
سامھون نَديءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان
گُذري صَديون وَيون پر ، اَڄُ ڏينھَن تائين ڀي
ھڪڙي گھڙيءَ جو منظر ، وسري نه ٿو اڃان
انجم ! اُداسُ گمُ سمُ ، پارڪَ ۾ ھيڪلي
ڪنهن ڪامڻيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان
[b]غــــــــزل[/b]
باک ويلي چميو جئن گلن جو بدن
واسجي ويو سَڄُو پوپٽن جو بدن
پوڙھي وَرَ سان سُتلَ نينگريءَ جي پيو
ٿو سدائين سَڙي خواھِشن جو بدن
بندِ ڪمري ۾ پيلَ ڪِنِ ڪتابن ۾ ڄَڻُ
لفظَ چُمندا رهيا ڪاغذن جو بدن
زندگيءَ جو سَمورو لهي ٿَڪُ وَڃِي
ھِڪِڙو ڀيرو چمڻ ڏي چپن جو بدن
مون ڏِٺو اُڀ تي شامَ ڌاري ڇُھي
واءُ پيو عاجزيءَ مان پکين جو بدن