(90) اظهر مجيد
[شاعر]
اصل نالو: اظهر مجيد
ادبي نالو : اظهر مجيد
ولد نالو: عبدالمجيد
ذات : تنيو
جنم: 04 جنوري 1985ع،
تعليم: بي.اي، ايل.ايل.بي
ڪرت: پي اي ٽو سيشن جج
رهائش: شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻو
رابطو: 03341687735
لکڻ جي شروعات: 1997ع
ڇپيل مواد : مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾.
لکيل صنف: غزل
هڪ ڪتاب جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل[/b]
سوال اهڙا جواب ڪونهي
گناهه ڪيڏا ثواب ڪونهي
ڏسڻ اچين ٿو ڏسي وڃين ٿو
حضور تو وٽ حجاب ڪونهي
وشال اڀ تي اڏام ڪائي
ڀري اچي سو عقاب ڪونهي
ونڊي وکيري اسان اوهان ۾
هڳاءُ اهڙو گلاب ڪونهي
ڏسي ڪرم ڪر گناهه اظهر
ثواب مون وٽ جناب ڪونهي
[b]غـــــــزل[/b]
تو سوا زندگي ڇا ڪبي
اي خدا بندگي ڇا ڪبي
باک تائين رني رات آ
گل مٿان تازگي ڇا ڪبي
موت ٿو ياد هر پل ڪري
واٽ تي وارثي ڇا ڪبي
پاڻ کي پاڻ ۾ ٿو پسان
سامهون آرسي ڇا ڪبي
بي وفا دلربا جي مٿان
اي ڪوي شاعري ڇا ڪبي
ساز سڀ ٿا وڄن من اندر
ٻاهرين بانسري ڇا ڪبي
يادگيري لکي دل مٿان
ڪاغذي ڊائري ڇا ڪبي
[b]غـــــــزل[/b]
ردا ٿي اوهان جي هوا ۾ اڏامي
حياتي اسان جي سزا ۾ اڏامي
اچي تون ملي وڃ ڏسي وڃ اسان کي
دعا ٿي اسان جي فضا ۾ اڏامي
جدائي اسان جي ڊگهي ٿي وئي آ
اڪيلو پکي ٿو هوا ۾ اڏامي
فنا ٿي وياسين بقا جي سهاري
بقا جي اسان جي فنا ۾ اڏامي
کلي ڪين اظهر ڪڏهن ڀي ڏٺو تو
ادا ٿي اوهان جي انا ۾ اڏامي