(69) وسيم سومرو
[شاعر[
اصل نالو : محمد خان
ادبي نالو : وسيم سومرو
والد جو نالو : محمد حسن
جنم : 16 نومبر 1963ع
ذات : سومرو
رهائش : عظيم ڪالوني، نوابشاھ شهر. رابطو: 03053630120
تعليم : ماسٽر سنڌيءَ ۾ ۽ تعليم ۾.لکڻ جي شروعات ؛ 1979ع
ڇپيل مواد : سُھڻي، ساڃاھ، نئين زندگي، سوجهرو، پروڙ، لهرون، همرچو، پوپٽ، ادب، هزار داستان وغيره.
لکيل صنفون غزل : گيت. وائي . نظم . نثر . وغيراه
ڇپيل ڪتاب : 1. ياد جي نيري ندي/ مشترڪہ شاعري
2. دل جون لهرون/ غزل 3. سچ جي چاندني/ ٿر جي پسمنظر ۾ شاعري ۽ سائين عبدالواحد آريسر کي ڀيٽا، 4. پاڻي/ هائيڪو،نظم
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــــزل[/b]
ملڻ لاءِ آتيون اکيون ٿيون رهن
سڄو ڏينهن جهاتيون اکيون ٿيون رهن
پتنگن جيان ٿيون جلن جاڳ ۾
ڄڀن کان اڄاتيون اکيون ٿيون رهن
پنبڻ بارشن ۾ ڇنڀي پيار لئہ
سُريليون ڪي لاتيون اکيون ٿيون رهن
نہ سُرمي سرائي نہ سپنو سرل
نہ آھين تہ ڪاتيون اکيون ٿيون رهن
بُتن ڪو نہ سمجھيون جھِڄي دل جيان
بدن جون ڪي باتيون اکيون ٿيون رهن
سڄڻ جون سنڀاري نهارون وسيم
نيون ڪائناتيون اکيون ٿيون رهن
[b]نظـــــم
”سيوھڻ“ [/b]
سانگ سکُا جا لالَ سڙي ويا
ڀرت ڀريل رومال سڙي ويا
ڪنهنجي ڪپجي ٻانهن اڏاڻي
ڪنهنجو وڍجي ڪنڌ اڏاڻو
ڀڙڪي دک جي دانهن اڏاڻي
دل جا سُڏڪي سُوال سڙي ويا
جيون جو گل گل مرجهاڻو
ٽھڪ ٿڌا ٿي هيٺ ڪري پيا
هر پاسي جيئن رت اڏاڻو
اکڙين جا احوال سڙي ويا
بکُ اجل جو ٿي ويا سارا
ديسي، پرديسي آيل
ننڊ مان جاڳيا ڪو نہ نغارا
ڇم ڇم کان اڳ ڇال سڙي ويا
ٻارن مُٺ ڀرڻ کان پهرين
ٿيون سڀ سرخ ڦُلن جون ٿيلهيون
کُنهبو رنگ ڪرڻ کان پهرين
مينديءَ جا هڙ ٿال سڙي ويا
ڀاڪر ۾ گڏُ جيونَ جاليل
جلندي جلندي جسم ڇڄي ويا
ڪنهن جيجل جي پُٽ جا پاليل
نازڪ سورنهن سال سڙي ويا
دل جون ڪو نہ ڌمالون ڌڙڪيون
سوچي پير ڌمال ڌڄي ويا
سيوھڻ ۾ جيئن باهيون ڀڙڪيون
سوچن جا پاتال سڙي ويا