(16) آزاد ابوبڪر
اصل نالو : ابوبڪر
ادبي نالو: آزاد ابوبڪر
والد جو نالو : ميان بخش
ذات :ڇٽو
جنم: 1985ع
تعليم: انٽر
ڪرت :هاري
رهائش: ڳوٺ صيفل خان ڇٽو، لڳ اڏيرولعل اسٽيشن
رابطو: (8902135_0346)
لکڻ جي شرعات: 1999ع
لکيل صنفون: تحقيق، غزل، وائي، بيت، گيت، چوسٽا، هائڪا، مقالا، مضمون، خاص ڪري شاھ عبدالطيف ڀٽائي تي تحقيق ڪري رهيو آهي. سندس هڪ ڪتاب (ڀٽ جو ڀٽائي ) گنج بخش ڪتاب گهر طرفان ڇپيل آهي. ان کان سواء چئن ڪتابن جو مواد موجود اٿن، جيڪي پڻ شاھ عبدالطيف ڀٽائي تي لکيل آهن ان کان علاوه ،سنڌ جي تاريخ تي به تحقيقي 3ڪتاب لکيا اٿس جيڪي مالي حالات جي ڪري اڃان ڇپائي ناهن سگهيا.
سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]چوسٽـــــو [/b]
ڳالھه ڳالھه تي جهيڙو آهي
دور الائي ڪھڙو آهي
نفرت جا ٿو نانگ نپائي
محبت کان ڇو ٽيڙو آهي
[b]بيــــــت[/b]
پرينءَ سندي پار ڏي آ ڪيو پَنڌُ
آذاد عجيب لئه ٿو سڪي سَنڌُ سَنڌُ
ڪوري ڏيان ڪَنڌُ، جي پرين پرچڻ جون ڪري
[b]غـــــــزل[/b]
ڏي نه ڀلي تون ڪَک اسان کي
ويجهو پنهنجي رَک اسان کي
اُڏري پار پرينءَ جي پهچون
پَروَر ڏي ڪي پَک اسان کي
ماندي مَن کي مانُ ملي بس
ڪونه کپي ٿو لَک اسان کي
سِڪَ ۾ دل جا ٽارَ ٽُٽَن ٿا
ڏيکاري وڃ اَک اسان کي
منزل آزاد ملي ويندي
ڀاڳ ڏنو جي ٻَک اسان کي
[b]غــــــزل[/b]
شهر سندا هي سارا ماڻهو
منهنجا آهن مارا ماڻهو
جن تان واري ويٺس جندڙي
دل جا نڪتا ڪارا ماڻهو
ڏاڍن اڳيان يار ٻُڌا تون
ڇا ته ڪندا ويچارا ماڻهو
جن سان تنهنجو چاھ رهي ٿو
سي ئي ٿيا سوڀارا ماڻهو
تنهنجي ٻانهُن منجھه مرڻ جا
ڪو ته هڻي پيو نعرا ماڻهو
دل آزاد کسي ويا منهنجي
ڪارن وارن وارا ماڻهو