شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(87) بخشڻ مھراڻوي 

تعارف نمبر (87)

[شاعر، ڪمپئر، ڊرامانويس، ڪالم نگار]

اصل نالو : محمد بخش 
 ادبي نالو : بخشڻ مھراڻوي 
ولد : فقیر محمد رحیم 
ذات : مھر
جنم : 18 آڪٽوبر 1966ع
تعليم : ایم.اي ( سنڌي )
ڪرت : سرڪاري نوڪري ۽ فري لانس ٽي وي ڪمپئر.
رهائش: ملیر ڪینٽ ڪراچي. رابطو:
لکڻ جي شروعات : 1987ع 
ڇپيل مواد : سنڌ جی تقریبن سڀني رسالن، مئگزینن اخبارن ۾.
لکيل صنفون : شاعريءَ ۾ غزل، وائي ، نظم، نثري نظم.
نثر ۾ ڪاالم، تاثر، ڊاڪیومینٽري اسڪرپٽ .
شاعريءَ جو ھڪ ڪتاب “التجا ” ۽ ڪجھه نثر ۽ نظم ۾ ڪتاب سھیڙیا اٿن، جيڪي انشااللہ جلد مارڪيٽ ۾ ایندا.

سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غــــــزل[/b]

تنهنجون يادون ۽ هي اڪيلائي
زرد شامون ۽ هي  اڪيلائي

بند ڪمرو ۽ تنهنجي فوٽوءَ سان
تنهنجون ڳالهيون ۽ هي  اڪيلائي

چنڊ تارا ڪَتِيون نڪي چارا 
سڃ راتيون ۽ هي  اڪيلائي

دوست ٿياسين اسان ٽيئي آخر
سمنڊ آئون ۽ هي  اڪيلائي

درد ڳوڙها ۽ بس رڳو ماتم 
رت ڇاتيون ۽ هي  اڪيلائي

ماٺ مٽي ۽ چئو طرف قبرون 
سرد آهون ۽ هي  اڪيلائي

[b]نظـــــم[/b]

تنھنجي در تي بیٺو آھیان 
کجین جو پیو باغ نهاري
ھڪ اسرار ھوا ۾ آھي
جنھن جي پویان سج لھي ٿو
پکي ڄڻ تہ پرولیون آھن 
آکیرن جو پنڌ پري آ
ڳوٺ جو رستو ڳالھائي ٿو 
ڪیئي وِیر لنگھیا ھا جنھن تان
مجبورین ھا گھر ڇڏایا 
ڪیئي نِیر لنگھیا ھا جنھن تان
دونھین مان ڪا دانھن دکي ٿي
سِڪَ جون ڪاٺیون ڪیر ٿو سوري
باھ برھ جي ڀڙڪا ڏي ٿي 
يڪتارن جي تند تپي ٿي 
ویراڳي ورلاپ ورن ٿا 
من من ۾ ڪو مینھن وسي ٿو 
آھُن ۾ ڪي گھاءُ لڇن ٿا
ساھ جو گھوڙو سھڪي پیو ٿو 
وڄ وراڪا پنڌ پڇي ٿو
اُتر تنھنجو انت لھڻ لئہ 
ڪیڏي آتر ویلا آھي 
سارین مان ٿو اوٻر اُٻري 
گرمي ٿاڌل گھوٽي پئي ٿي 
تو ۾ ھڪڙو سچل آھي 
تو ۾ بیدل، بیڪس آھي
سانجھيءَ جو ٿو سنک وڄي ۽
ميڙي میڙي مچ ٻرن ٿا
مونکي اھڙو سچ چون ٿا 
اُتر تو مان آڳ به اُٿڻي 
تو مان ھڪڙي جاڳ به جٽڻي 
سنڌو ساھ ڪي سؤلا کٹندو 
مٽي سون سریکي ٿیندي 
تو مان ھڪڙو ناچو ایندو 
ڇیریون پائي ڇم ڇم نچندو 
ھر گُھنگھرو کي پنھنجي ٻولي
جیون ھڪڙي ڏِٺَ پرولي 
تِنھن جي ڀَڃڻي تو ۾ آھي
سیوھاڻي سرڪار چوي ٿو 
 ٻاٽ ۾ لاٽ به ٻرڻي آھي!
