شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(144) مير احمد مير

تعارف نمبر (144)

[شاعر]

اصل نالو : ميراحمد 
ادبي نالو : ميراحمد مير
ولد : درمحمد 
ذات : جلباڻي
جنم : 01 جنوري 1979ع
تعليم : گريجوئيٽ. ڪرت : پرائيويٽ جاب
رهائش : ڳوٺ پپري، تعلقہ ميرپور ماٿيلو.
رابطو : 03002291125
لکڻ جي شروعات : 2012ع
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، ڪافي، نظم، چؤسٽا، پنجڪڙا، سانيٽ، ترائيل.
ٻِن ڪتابن جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود.

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غـــــزل[/b]

ماضيءَ جي ڳنڍ پل ۾ ڇوڙي ھلي وئي آ
ھڪ سار ضبط سارا ٽوڙي ھلي وئي آ

دل نانءُ سان انھي جي اڄ ڀي پئي ٿي ڌڙڪي
ھو زندگي مان منھنجي توڙي ھلي وئي آ

ھڪڙي نھار سان ھو فطرت جا رنگ بدلي
زلفن سان رخ ھوا جو موڙي ھلي وئي آ

لھجن جي آڳ سان سڀ گُل پيار جا جلائي
شعلن جي سمنڊ ۾ ڇو ٻوڙي ھلي وئي آ

اقرار جي تمنا اظھار جي گھٽيءَ ۾
بي سُود پنڌ لوڙي  لوڙي ھلي وئي آ

ھُو ھجر جي وِٿين کي اڄ وصل ساڻ ليپي
ڀُرندڙ وجود منھنجو جوڙي ھلي وئي آ


[b]نثري نظــــــم

“آخري تيلي”[/b]

شرافت!
ڪنهن ناياب نسل جيئن
اڻ لڀ ٿيندي ٿي وڃي
۽ ڪميڻپ جي شرح ڄم
تيزيءَ سان وڌي رهي آهي،
بُک هر برائي جي ماءُ
۽ ڳڀوايمان جنمي ٿو،
اُميدون هر روز ٽُڀجي پون ٿيون
احساس ڄڻيندڙ جسم
سنڍ ٿي چڪا آهن
هماليه کان وڏا نالا
ڪانڊيري جي ڇانوَ ۾ ٿَڪ پيا ڀڃن،
۽ ڪجھه ڄامڙا ته پنهنجي
هٿ سان چنڊ تي چترڪاري
لئه پيا سوچن 
الميو اهو ناهي ته
ڪانوَ هنجن جي ٻولي پيا ٻولين 
پر..!!
الميو اهو آهي ته
هنج ڪانَوَن جي چوڳ پيا چُڳن
انا جي بدنما داغن سان ڀريل
ادبي چولو
شهر جي ڌوٻين ڌوئڻ کان انڪار ڪندي
ماچيس ۾ بچيل آخري تيلي سان
اگني سنسڪار ڪري سندن رک
سنڌوءَ حوالي ڪرڻ جو
مشورو ڏنو آهي
۽ مان
سنڌو پليد ڪرڻ
 نه ٿو چاهيان..!!
