(134) ابراهيم ملاح
[شاعر]
اصل نالو : محمد ابراهيم
ادبي نالو : ابراهيم ملاح
ولد : غلام رسول
تعليم : پرائمري. ڪرت : هاري. لکڻ جي شروعات : 1998ع
رابطو: 03423412874
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، بيت وغيره.
ڇپيل ڪتاب : “دونهان جن دکائيا“ گڏيل شاعري.
ٻن ڪتابن جو سهيڙيل مواد موجود.
ڇيپل مواد : مهراڻ، سوجهرو، سنڌ رِوِيُو، مومل، عبرت ميگزين، هالار، ادب، نئين زندگي، نئين آس، ڪينجهر وغيره.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
ڌار توکان جيڪا گهڙي گذري
زهر وانگي صفا ڪڙيَ گذري
وقت ڪيڏا نه فاصلا ٿو ڪري
هي حياتي سڄي رڙي گذري
انتظارن جا هي ڊگها صدما
انتظارن ۾ هر گهڙي گذري
توکان وڇڙي رڳو رهيو ماتم
باهه تي زندگي سڙي گذري
تو ڏنو ساٿ هو جڏهن مونکي
زندگي موت کان لڙي گذري
[b]نظـــــم[/b]
ڪونه آئين تون پرين
مند آئي سانوڻي
ساريون سڳداسي لٿيون
ڪنهن سان ڪيون ڳالهيون مٺيون
دل ۾ الڪو ٿي پيو
هو پرائي ديس ويو
جيڪو هو دل جو ڌڻي
چڪ وجهي ٿي هانءُ ۾
رات جو پوئين پهر
ها ڏکڻ جي هير ڪا
چاڪ کولي ٿي اندر
سانت منهنجي ڀوڳنا
آ مقدر هي بڻي
نيڻ راهون پيا ڏسن
ٿا هوائن کان پڇن
ڪونه آيو ميت آ
جيڪو منهنجو گيت آ
سڪ لڳي جنهن جي گهڻي
نيڻ تنهنجي جاڳ ۾
پيا جلن ڪنهن آڳ ۾
تون ويو آهين پري
ڪانه ٿي منهنجي سري
دل لڇي هڪڙي ڄڻي