شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(79) غوث پيرزادو

تعارف نمبر (79)

[شاعر، ڪاڻيڪار، مضمون نگار]

اصل نالو : غوث بخش
ادبي نالو : غوث پيرزادو
ولد : ڪريم بخش 
ذات : پيرزادو
جنم : آگسٽ 1968ع 
اصل رهائش : ڳوٺ ٻلهڙيجي، لڳ موهن جو دڙو، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو. موجوده رهائش : گلشن حديد ڪراچي
رابطو : 03333760847
تعليم : ايم.اي سنڌي ۽ ايم.اي سوشيالوجي
ڪرت : سماجي ڪارڪن. لکڻ جي شروعات : 1988ع 
ڇپيل ڪتاب :  “مُئل ضمير جو مرثيو” شعري مجموعو ترجمو 2001ع.  “چيڪي مٽي” 2010ع شاعريءَ جو مجموعو، 
“رمجهول” شعري مجموعو  2016ع.
ڇپيل مواد : عبرت رسالو، سوجهرو، سارس، لهرون، همرچو، امرتا، سارنگا، عوامي آواز، جاڳو، وغيره
لکيل صنفون : نثر ۾ ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعريءَ ۾ غزل، نظم، ٽيڙو، بيت وغيره.

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غــــــزل[/b]

ننڊ ۾ چاهي ڇڏيو هو آسمان
ساهه ۾ لاهي ڇڏيو هو آسمان

سرد جذبن جي ڀنور ۾ ويڙهجي
دل جو ڊاهي ڇڏيو هو آسمان

چاهه جي چنڊ تي چڙهي او مينڌرا
ڳاهه جيان ڳاهي ڇڏيو هو آسمان

نيڻ ڪنهن مک تي سجائي واءَ ۾
اڄ وري ٺاهي ڇڏيو هو آسمان

هاڻي جيون ڌرتتي بڻجي ويو
پاڻ ئي ٽاهي ڇڏيو هو آسمان

[b]غـــــزل[/b]

ڳيچ ڳائي رني هوندي
نينهن لائي رني هوندي

ويڙهه منهنجو نچي نکري
چيچ پائي رني هوندي

هوءَ ميلي ۾ ويڳاڻي
تنهنجي آئي رني هوندي

مان ته سهسائي ويو آهيان
مونکي تائي رني هوندي

ٻاٽ اوندهه جي ڪا ناري
ڌيءَ ڄائي رني هوندي

مينهن جوڀن سندا وينگس
ڇا وسائي رني هوندي

[b]غــــــزل[/b]

جهول خالي هو نه ڪو پٿر هيو
خواب سارو ٿي ويو پٿر هيو

هڪ چمي هڪ رات جو سودو هيو
پوءِ جدائيءَ جو ڳٿو پٿر هيو

واءُ وارن سان ڪڏيو پئي رات ڀر
دل جي آڳر تي اٺو پٿر هيو

ساهه جو ڳيرو اچي ڦٿڪي ڪريو
پوءِ ٻيلو ٿي ويو پٿر هيو

دل جي ڌرتيءَ زلزلو ڀوڳيو هيو
تلخ لهجي جو کتو پٿر هيو

زائچه ڪهڙا ڪڍايون ها ڀلا
شهر جڏهن سنئون سڌو پٿر هيو
