( 9) هيڪل سومرو
اصل نالو: سعيد احمد
ادبي نالو: هيڪل سومرو
والد جو نالو: عبدالغفور سومرو
ذات: سومرو
جنم : 2فيبروري 1980ع
رهائش: شھر وارھ، ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ
رابطو: (3424085_0333)
ڪرت: سرڪاري ملازم
لکيل صنفون :غزل، گيت، وائي، دوها، نظم
ڇپيل مواد: مختلف اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾.
تقريبن ٻن ڪتابن جو مواد موجود
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:
[b]غــــزل[/b]
ھَر ڳالھه ڳُجھي رھندي
پَرَ عشقُ عَيان رھندو
ڪايا جَي نه ڪينجھرَ تي
نُوريءَ جو نشان رھندو
وئي عمر کسي جوڀن
جذبو ته جوان رھندو
جَنتَ نه سھِي دوزخ
ڪوئي ته مڪان رھندو
ٿي خاڪِ ويندو ساڌُو
ڇا ڪوئي مُلان رھندو
ڪو شَڪُ نه خِلجي تي
پنھنجَي تي گُمان رھندو
جَي ڏيندين رَتُ ´ھيڪل`
سِنڌُو ته روان رھندو
[b]نظـــــم[/b]
سُور بڻجي سنگِدل
جيڪا رھَي ٿي روحَ ۾
جيءَ منھنجي ۾ جلَي ٿي
جاڳ بڻجي جا خُدا
ڪجُھه گھڙيون تِنھن کي
سُمھاري ڏي خُدا،
منھنجي اندرَ ۾ جُڳن کان
ٿِي اڃان تائين جيئي
جامُ سمجھي جا لھُو
منھنجي جِسم مان ٿي پيئي
تنھن کي ماري ڏي خُدا،
ھُوءَ ڀلي ھِن دل اندر
ٿِي پئَي دفن،
منَ اندرَ جي ديسَ مان
ڪر بيوفا جي ياد کي جلاوطن،
ھِي جھان ناھي رھيو
ڪو چاھتن وارو چمَن
بِرھ جي ھِن باھ ۾
ڪيسين جلَي منھنجو بدَن
ڪاش ھيڪل`
عشق جي ھيءَ
آڳ ٺارَي ڏي خُدا
جيءَ منھنجي ۾ جلَي ٿي
جاڳَ بڻجي جا خُدا
ڪجُھه گھڙيون تنھن کي
سُمھاري ڏي خُدا...!