(48) عبدالخالق اسير. اي ڪي “ اسير “
[شاعر[
اصل نالو: عبدالخالق
ادبي نالو : عبدالخالق اسير. اي ڪي “ اسير “
ولد: هوت خان
ذات: خاصخيلي
جنم : 20 مارچ 1961
تعليم : بي.اي.
ڪرت : ملازمت
رهائش : ڳوٺ غازي خان خاصخيلي، ٽنڊو آدم روڊ ميرپورخاص.
رابطو: (2975356_0333)
لکڻ جي شروعات : 1980ع.
لکيل صنفون :غزل،وائي،نظم،گيت ۽ مختلف موضوعن تي ڪالم.
ڇپيل مواد رسالا :- نئين زندگي ، ادب، پيغام، گل ڦل، برسات، امرتا، پورب، وينجهار، پچار، ڪچهري، سالار، عبرت مئيگزين، عوامي آواز، آفتاب، هلچل، عبرت، الک، تعمير سنڌ، سنڌو،هلال پاڪستان.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]نثري نظــــــم
احساس[/b]
مُون آئيني ۾ ڏٺو
آئينو مُرڪڻ لڳو
مُنهنجي وجود بجاءِِ
عڪس تُنهنجو هُيو ...!!
[b]غـــــــزل[/b]
سنگيت جي بدن مان هو ٿي ڦُٽِي
هر گيت جي بدن مان هو ٿي ڦُٽِي
چنگ چترا رکي ڪو هُن ۾ وئي
جگجيت جي بدن مان هو ٿي ڦُٽِي
هُن جي هٿن وقت جي بازي جهٽِي
هر جيت جي بدن مان هُو ٿي ڦُٽِي
هر سُوءِ ھُن منجهان مهڪِي هئي
هر ميت جي بدن مان هُو ٿي ڦُٽِي
مُون ڳوھ ڳوڙھن کي ڏيئي ڏٺِي
هر ڳيت جي بدن مان هُو ٿي ڦُٽِي
[b]غـــــــزل[/b]
آءُ اڃا احساس ٿا جاڳن
مون ۾ ڪي وشواس ٿا جاڳن
موکيءَ جهڙو موھ ٿو گهرجي
هٿڙن منجھه گلاس ٿا جاڳن
جُگنو تُنهنجي جوت جيئي شل
رنگ رتا راڪاس ٿا جاڳن
رمجهم رمجهم روح جون رمزون
واهوندي جا واس ٿا جاڳن
مُنهنجي گيت غزل ۾ ھر پل
عشق سندا اڀياس ٿا جاڳن
[b]نظــــــم[/b]
مون جڏھن بہ
ڪجھ لکڻ چاهيو
تُنهنجي نانءَ سواء
ٻيو ڪجھه بہ ناهيان
لکي سگهيو .... !!
[b]وائــــــي[/b]
ٽاري ٽاري ٽھڪ َ
آءُ پکي پرڏيهي
سارون سارون سانڍ
ڪيڏي ساهن سهڪ َ
آءُ پکي پرڏيهي
هيڻا هيڻا حال
ڪهڙي ڪنهنکي ڪهڪَ
آءُ پکي پرڏيهي
مُونکي تُنهنجو موھ
آئي آھي مهڪَ
آءُ پکي پرڏيهي