شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(63) بخشل باغي 

تعارف نمبر (63)

[شاعر[

اصل نالو : الله بخش 
ادبي نالو : بخشل باغي 
ولد : محمد پريل 
ذات : خشڪ 
جنم : 19اپريل1975ع. تعليم : بي.اي، بي.ايڊ 
ڪرت : ٽيچر.  لکڻ جي شروعات : 1988ع
رابطو: 03003217411
ڇپيل مواد : امرتا، مهراڻ، پروڙ، ساڄاھ، ڪونج، ڪينجهر، عبرت مئگزين، روح رهاڻ، پرک، نئون نياپو، ادب، نئين زندگي، پيغام، پورب، هزار داستان، بختارو، سنڌ سجاڳ، السنڌ، سُرت، مسيحا، عوامي آواز، ڪاوش ميگزين، سوڀ، شام، لهرون، سارس، پارس، پوپٽ، همرچو، ڪونج انڊيا، سپون انڊيا، سنڌو انڊيا.
لکيل صنفون : غزل، نظم، گيت، وائي، بيت، پنجڪڙا، ٽيڙو، نئين ڪويتا، دوها، چؤسٽا. 
ڇپيل ڪتاب 8ڪتاب شاعري جا. 3 ڪتاب ترتيب ڏنل.

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

[b]نظـــــم[/b]

اکين ۾ جاڳ آ جلندي
تڏھن ڪي خواب هِن پَچندا
جئين لُک تيز تر لڳندي
تئين رِڻَ روح ۾  رَچندا
حياتيءَ جي گهٽي سوڙھي
سُرنگ آ ساھ ۾ گَھري
لڳي هر شام ٿي پوڙھي
شفق جي آ ٽُٽل  اَهري
ٻُڏان ٿو پنهنجي ساهن ۾
ڪُُنن ۾ ڪيفيت آھي
حياتيء َ جي نگاهن ۾
وڃان ٿو سج کي  لاهي
جلائي دل جي ٽُُڪرن کي
دُُکايم درد جو دُونهون
پُڪاريو مون پَڙاڏن کي
نه صحرا  جو مليو سُُونهون
اندر ۾ سُُڃَ ٿي سَهڪي
رڳن ۾ رڻ جا راڙا
اکين ۾ اُُڃَ ٿي ٽَھڪي
ڪڙھن ٿا روح  ۾ ڪاڙها
ملي آ مُفلسي اهڙي
ڀريل بازار ۾ مون کي
ڪمائي قرض ۾ جهڙي
ملي سنسار ۾  مون کي

[b]غــــــزل[/b]

ننڊ جھڙي هُوءَ مِٺي لولي هئي
ماءُ،مون لئه ٻاجھه جي ٻولي هئي

نيهن جي دل ۾ ندي وَهندي هئي
ساھ ۾ ڇُلندڙ ٿڌي ڇولي هئي

رنگَ منهنجي سڀ ڪندا هئا آجيان
وقت جي هر ڪا گھڙي هولي هئي

آسمانن جي حويليءَ مان اِها
چنڊ جي تو ئي دري کولي هئي

ڍنڍ وانگر هُوءَ ڇُلي پئي ڇوھ مان
ڪُونجڙين جي هُن مٿان ٽولي هئي

مون جيئڻ جي جُستجوءَ ۾ ڀٽڪندي
زندگيءَ ۾ زندگي ڳولي هئي
