(80) سانوڻ راڄڙ
[شاعر، ڪاڻيڪار، ڪالم نگار]
اصل نالو : سانوڻ
ادبي نالو : سانوڻ راڄڙ
و لد : حضوربخش
جنم : 07 سيپٽمبر1981ع
ذات : راڄڙ
رهائش : ڳوٺ محمد بچل راڄڙ، اڇڙوٿر
تعليم : انٽر. رابطو: 03415023036
لکڻ جي شروعات : 1995ع .
ڇپيل مواد : عبرت ميگزين، مهراڻ، ڪاوش، ارادو، عوامي آواز، ڪلياڻ، واڪا، جيجل، سنڌ ايڪسپريس، سانگهڙ، سماچار، نئون صبح، سنڌ سرواڻ، نئين زندگي، سوجهرو، همرچو، ادب، هزار داستان، اڇڙوٿَر وغيره.
لکيل صنفون : شاعري، ڪالم، ڪهاڻي.
اڻ ڇپيل مواد : ٻه ڪتاب ”ڪالم منهنجا“ ۽ “ٽنڊومٺا خان جي تاريخ“ تياريءَ جي مرحلي هيٺ.
سندس لکڻيءَ مان ڪجھه ونڊ
[b]ماھ شعبان جون فضيلتون برڪتون!!
[/b]
الله تبارڪ و تعاليٰ انسانن جي مٿان پنهنجون رحمتون ۽ ڪرم نوازيون عطافرمائيندو آھي انهن رحمت رباني مان مهينن ۾ خاص ڪري ماه شعبان ۾ پنهنجون برڪتون ۽ نوازشون ٻانهن جي مٿان ڪندوآھي قرآن پاڪ ۾ سوره الدخان، پاره (04) ۾ ارشادفرمايو آهي ته شب برات جي رات تقديري فيصلا ڪيا وڃن ٿا. علامه جلال الدين السيوطي رحمته الله عليه پنهنجي جڳ مشهور تفسير الدزُ المنثور ۾ بيان ڪن ٿا ته سيدنا حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه جن کان روايت ڪن ٿا ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ته جڏهن پندرهين شعبان جي رات اچي ته ان رات الله تعاليٰ جي عبادت ڪندا ڪريو ۽ ڏينهن جو روزا رکو. ڇو ته الله تعاليٰ سج لهڻ شرط آسمان ۽ دنيا تي جلوه گر ٿئي ٿو، ۽ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته آهي ڪو ماڻهون جيڪو مون کان بخشش طلب ڪري آئون ان کي بخشي ڇڏيان، آهي ڪو ماڻهون جيڪو مون کان رزق طلب ڪري، آئون ان کي رزق عطا ڪري ڇڏيان، آهي ڪو پريشان حال ماڻهون جو مون کان پريشاني مان نجات گهري ته آئون ان کي مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏيان، آهي ڪو سوال ڪرڻ وارو جو آئون ان کي عطا ڪري ڇڏيان. ڇا ڪو اهڙو ماڻهون آهي؟ ڇا ڪو اهڙو ماڻهون آهي؟ اهي پڪارون اچنديون رهن ٿيون. ايستائين جو صبح صادق ٿئي.حضرت معاذ بن جبل رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم فرمايو ته خدا تعاليٰ نصف شعبان جي رات کي پنهنجن سموري مخلوق جي طرف نظر ڪندو آهي.سڀني جا گناهه معاف فرمائيندو آهي. سواءِ مشرڪن ۽ بغض (ڪينو) رکڻ وارن جي.
امام ابن ابي شيبه امام ترمذي، ابن ماجه ۽ بيهقي جن امُّ المومنين حضرت سيّده عائشه رضي الله عنه کان روايت ڪن ٿا ته مون هڪ رات رسول الله ﷺ جن کي پنهنجي گهر ۾ نه ڏٺو، آئون کين ڳولهڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتس، ڇا ڏسان ٿي ته پاڻ ڪريمﷺ جن جنت البقيع (مدينه منوره جي مُقام ) ۾ آهن، سندن نگاهون آسمان جي طرف آهن، پاڻ فرمايائون ته اي عائشه! ڇا تون ان ڳالهه کان خوف زده آهين ته الله ۽ ان جو رسول توتي ڪو ظلم ڪندا؟ مون عرض ڪيو ته ( يا رسول الله ﷺ) مون کي ان ڳالهه جو ڪو به خوف نه هو، پر مون کي گمان هو ته توهان پنهنجي ازواج مطهرات مان ڪنهن وٽ تشريف فرما ٿيا هوندا. پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته الله تبارڪ و تعاليٰ پندرهين شعبان جي رات آسمانِ دنيا تي نزول فرمائي ٿو ۽ بنو قلب قبيلي جي ٻڪرين کان به زياده ماڻهن کي بخشي ڇڏي ٿو.الله تعاليٰ جا ڪروڙين ڪرم آھن جو پنهنجن ٻانَهنَ تي اهڙا با برڪت مهينا عطا ڪيائين.
شعبان جو مهينو حضور اڪرمﷺ جن جو مهينو، جنهن ۾ پاڻ تمام گھڻي انداز ۾ روزا رکندا هئا. رات جو قيام معمول کان وڌيڪ فرمائيندا هئا. جڏهن شعبان جي آخري تاريخ ٿيندي هئي ته رسول اڪرمﷺ جن رمضان جي مهيني جي عظمت جو استقبالي خطبو ڏيندا هئا. امام خطيب رح رواه مالڪ ۾ امُ المومنين حضرت سيّده عائشه رضه کان روايت ڪري ٿو ته مون نبي ڪريمﷺ جن کي فرمائيندي ٻُڌو ته الله تبارڪ و تعاليٰ چئن راتين ۾ خير جا دروازا کولي ڇڏي ٿو، هڪ عيدالفطر، ٻي عيد الاضحيٰ، ٽين پندرهين شعبان جي رات، جنهن ۾ انسان جو موت ۽ رزق لکيو وڃي ٿو ۽ چوٿين عرفات جي رات صبح ٿيڻ تائين. سال جي ٻارهن مهينا جن مان ڪِن مهينن جا فضائل نبي اڪرمﷺ جن جي حديثن ۾ آيا آهن.