(136) نسرين الطاف
[شاعر، ڪهاڻيڪاره، مضمون نگار،ڪالم نويس]
اصل نالو : نسرين الطاف
ادبي نالو : ساڳيو
والد جو نالو : الطاف حسين
ذات : قريشي
جنم : 14 آگسٽ
تعليم : ايم.اي سنڌي ادب، ايم.اي پوليٽيڪل سائنس
ڪرت : تعلقه ايجيوڪيشن آفيسر فيميل شهدادپور
لکڻ جي شروعات : 1987
لکيل صنفون : غزل . گيت. وائي . نظم . ربائي. ٽي سٽا . چوسٽا. ڪالم . ڪهاڻي . مضمون
ڇپيل مواد : تقريبن سنڌ جي سڀني رسالن . مگزين . ۽ اخبارن ۾
ڇپيل ڪتاب : 1. “درد جي ڇانو” شاعري، 2. “رڻ ٿو رڙيون ڪري” شاعري.
هڪ ڪهاڻين جو ۽ هڪ شاعريءَ جو ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ.
اُن کان علاوه شاعري ۾اڻ ڇپيل ٽن ڪتابن جو مواد موجود ۽ هڪ ڪالمن جي ڪتاب جو مواد پڻ موجود.
سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل[/b]
سانت چوي ٿي ڀڻڪا گهرجن
ساز جي ناھي سڏڪا گهرجن
نيڻ جهڪائي ڇا ٿا سوچو؟
وڻ وڻ مان اڄ واڪا گهرجن
هاڻي آءُ امن سان ملجي
ڪين امڙ کي لاشا گهرجن
ساهه نه ڪوئي خوف ۾ ڏسجي
خير جا چار ئي پاسا گهرجن
روئي ننڍڙي ڌيءَ چوي ٿي
چار گرنهه ٿا بابا گهرجن
ساڙ نٿي نسرين گهري دل
پيارا، پيار پتاشا گهرجن
[b]نظــــــم[/b]
توکي روز پڪاريان بابا..!!
تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!
تو بن گهر آ خالي خالي
تو بن ڪهڙي عيد ڏياري
هر هر توکي ساريان بابا..!!
تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!
تنهنجي ياد اچي ٿي جهوري
من اندر کي ڀوري ڀوري
تنهنجا پيار سنڀاريان بابا..!!
تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!
ساڙ تتيء کان خوب بچايئي
جيون جو هر ڍنگ سيکاريئي
ڳالهيون سي نه وساريان بابا..!!
تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!
تنهنجي دوري ماري پيئي
وسريا سک نسرين سڀئي
هنجون ويٺي هاريان بابا..!!
تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!