(119) وسيم گبول
[شاعر]
اصل نالو : وسيم
ادبي نالو : وسيم گبول
ولد : محمد صالح
ذات : گبول
تعليم : ايم.اي سوشالوجي، ايم.اي سنڌي
جنم : 15 آگسٽ 1984ع. ڪرت : رڪشو هلائڻ.
رهائش : گهوٽڪي / ڪراچي. لکڻ جي شروعات : 1994ع
رابطو : 03048672729
ڇپيل مواد : عبرت مئگزين، مِٽي، ڪينجهر، ادب، هالار، عوامي آواز، ڪاوش، سنڌ. اُن کان علاوه گهوٽڪي ضلعي جي دوستن جي گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “تارا تارا جهول“ ۾ شاعري ڇپيل.
لکيل صنفون:غزل، وائي، نظم، آزاد نظم، نئين ڪويتا، پنجڪڙا.
اڻ ڇپيل: هڪ ڪتاب “ڏُک کي ڏُک آ“ڇپائيءَ جي مرحلي ۾.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.
غــــــزل
عشق ملهائي پيو زندان ۾
سنڌ امّڙ آ جنگ جي ميدان ۾
وطن لئه ويرين سان وڙھبو تيستائين
جيستائين ساھ آھي جان ۾
سنڌ جا ساڃاھ وندو هاڻي اُٿو
ڪُجھه ته غيرت هوندي آ انسان ۾
روز کنڀجن ديس جا ڳڀرو هِتي
روز آھيون عشق جي امتحان ۾
اي اديبو! شاعرو! ڪافر ٿيو
ڪيترو جيئندؤ انڌي ايمان ۾
سيد ۽ سنڌ سان جَڙيل آ جيءَ ائين
ساھ سمايل هوندو آ جئين جان ۾
[b]پنجڪــــڙو[/b]
مون ۾ تون گُم ٿيل هُئين، ڳولي توکي لَڌو مون
ڪُل ڪائنات تون آن، منهنجو سجود توکي
ڄڻ کنڊر جيان لڳي پيو،پنهنجو وجود مون کي
توبن هُئي وِلھه حياتي، ٺاهيو آ ڄڻ اجهو مون
مون ۾ تون گُم ٿيل هُئين، ڳولي توکي لَڌو مون
[b]وائـــــي[/b]
انسانيت - سفير،
ڀڳت ڪنور رام تون..!!
پيار، امن ۽ سچ جو،
پيغمبر، فقير،
ڀڳت ڪنور رام تون..!!
پير، مُلان کان مٿي آن،
سنڌڙيءَ جو امير،
ڀڳت ڪنور رام تون..!!
ماريئي سُر سنگيت جو،
ڪُوڙ ڪُپت کي تير،
ڀڳت ڪنور رام تون..!!
ڌَرم ڀُونگي جروار جي،
بس، ٺاهيئي جاگير،
ڀڳت ڪنور رام تون..!!
رُڪ اسٽيشن- بيگناھ،
شھيد ٿئين راهگير،
ڀڳت ڪنور رام تون..!!