(146) ماهين هيسباڻي
[شاعره،ڪمپيئر]
اصل نالو : ماهين هيسباڻي
ادبي نالو : ماهين هيسباڻي
والد جو نالو : غلام مرتضيٰ
ذات : هيسباڻي .
جنم : 01 اپريل
تعليم : ايم.اي ادب، ايم.بي.اي
لکڻ جي شروعات : 1998ع
رهائش : 73/1 khayaban e nishat DHA phase 6 karachi
لکيل صنفون : غزل، گيت، نظم، وائي، چوسٽا وغيره.
ڇپل مواد : سنڌ جي سمورن رسالن، ميگزينن ۽ اخبارن ۾.
ڇپيل ڪتاب : 1. “تون“ شاعري.
ٻيو ڪتاب “ڪڏهن سيفو ڪڏهن مرڪان“ (شاعري) چپائيءَ هيٺ
اُن کان سواءِ اڻ ڇپيل ڪافي مواد موجود اٿن.
سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
ٻڌي آهون داهون لوڪ سڄڻ
تنهنجي تهمت پاتم طوق سڄڻ
مون عشق ڪيو ٿيو عشق تڏهن
ڀلي عشق منهنجي کي ٽوق سڄڻ
مان ته ڏينديس پئي تون ڏس نه ڀلي
منهنجي اکڙين کي تون نه روڪ سڄڻ
تو پنهنجي پر بدنام ڪيو
مشهور ٿيس چؤڪ چؤڪ سڄڻ
چئي جاهل هان ناسمجھه آهيان
آهي خوار ٿيڻ جو شوق سڄڻ
نڪي گل ٿا ٽڙن نڪي گلزاري
سڄو سينو ٿي ويو سوڪ سڄڻ
[b]نظـــــم
منهنجا پريتم![/b]
اِها تنهنجي پيار جي پيڙا آهي،
جا منهنجي رڳ رڳ ۾ رچجي وئي آ.
لڙڪ جي منهنجي اکين مان ٽميا آهن
مون انهن جا هار پوئي پاتا آهن.
جيڪي هر پل منهنجي سيني سان چهٽيل رهن ٿا.
توکي ساري منهنجي هر رات
هڪ تاري کان ٻي تاري کي تڪيندي
وهامي ٿي وڃي.
۽ ها، توسان نبهه جي قيد جا ڪنگڻ به،
ٻانهن ۾ پاتا آهن.
۽ هاڻي ته منهنجو ڪو پل اجايو نٿو گذري
ڊگهي اڪيلائي ۽ جدائيءَ ۾
تنهنجي يادن جي طرح طرح رنگ برنگي
خوشبودار پيالن مان ڍڪ ڀريان ٿي
هاڻي ته منهنجي بدنَ مان تنهنجو واس اچڻ لڳو آهي.
هن جھيڻي جِسمَ تي
تنهنجي چاهه جا
جيڪي ڳرا ڳرا ڳهه ڳٺا پاتا اٿم
سي به تنهنجي نينهن جا
راڳ الاپڻ لڳا آهن
جنهن جو پڙاڏو
سڄي ڳوٺ ۾ گونجڻ لڳو آهي.
بند دريءَ جي وٿيءَ مان،
هر ڏينهن تنهنجي واٽَ تڪيان ٿي،
۽ سوچيان ٿي!
جي تون اچي پوين
ته جيڪر منهنجو ڪچڙو گهرڙو
تنهنجي آجيان ۾ جرڪي پوي
۽ تنهنجي هڪ نهار
منهنجي سونهن کي سوايو ڪري وجھي.