(137) عزيز سولنگي
[شاعر]
اصل نالو : عزيزالله
ادبي نالو : عزيز سولنگي
والد : محمد عيدن
ذات : سولنگي
جنم : 02 مارچ 1985ع
تعليم : ايم.اي سوشالاجي. لکڻ جي شروعات : 2005ع
ڇپيل مواد : تقريبن اخبارن رسالن ۾.
رابطو : 03113526606
لکيل صنفون : گيت، غزل، وائي، بيت، نظم، پنجڪڙا، ترائيل.
سهيڙيل ڪتاب : 1. “مٽي جا غزل”، 2. “اڌوريون ڪوتائون”، 3.“جُهڙ نيڻئون نہ لهي”.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]نظــــــــم[/b]
زندگي جي ڍنڍ مان
پيو رڳو سپنا پيئان
آھيان ڪهڙو پکي
پر ڪڍي اڏران نٿو
واءُ ۾ وکران نٿو
اُڀ ۾ اُڀران نٿو
جيءُ ٿو جهليو رکان
آھيان ڪهڙو پکي
ڪو بہ آکيرو اَڏڻ
مونکي ايندو ناهي ڄڻ
۽ نہ وڻندو آھي وڻ
مان ٿو ڀينڊن ۾ رهان
آھيان ڪهڙو پکي
ڪي مَ کاوان ٿو اناج
ريت رسمن جو وياج
منهنجو پنهنجو آ سماج
خود ئي خود تي ٿو تڳان
آھيان ڪهڙو پکي
[b]غـــــــزل[/b]
اُگهاڙا پير ڪاڏي ويا
ڪُراڙا، پير ڪاڏي ويا
اميدن جو ڪپي ٻيلو
ڪهاڙا پير ڪاڏي ويا
اڪيلي دل پئي ڳولي
۽ جاڙا پير ڪاڏي ويا
محبت جي مَکي ميندي
پو ڳاڙھا پير ڪاڏي ويا
اکين جا خواب ترسائي
لڄاڙا پير ڪاڏي ويا
پڙي ڏئي ماٺ جي من کي
هُو راڙا پير ڪاڏي وياڍ
[b]غــــــزل[/b]
لنگهي ٿي ڄڃَ ڳوڙھن جي
ڦِٽي آ ننڊ نيڻن جي
پون ٿا پور پلڙن جا
ڪُکي ٿي کؤنر ٻٻرن جي
مصور دل جي پردي تي
چٽي تصوير خوابن جي
۽ د ل جا ٻا ر خوابن ۾
ڏسن ٿا مند ٻيرن جي
اکين سرمون ڪري پاتي
مٽي معشوق پير ن جي
وئي منحوس ٿي آ ھي
نزاڪت من جي ما ڳن جي
ٿڦي ويو وقت ٻا نهينءَ تي
تغاري ڏ ک جي ڇيڻن جي