(145) عبدالستار آڪاش ٽکڙائي
[شاعر،ڪهاڻيڪار، ڊرامانويس]
اصل نالو : عبدالستار
ادبي نالو : عبدالستار آڪاش ٽکڙائي
والد جو نالو : حفيظ الله
ذات : ڳنڀير. جنم : 02 ڊسمبر1978ع
تعليم : ايم.اي سنڌي، ايم.بي.اي آنرس.
ڪرت : سنڌ پوليس ۾ سب انسپيڪٽر
رهائش : ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه ٽکڙ، تعلقه بلڙي شاهه ڪريم، ضلعو ٽنڊومحمد خان
ربطو : 03332631030
لکڻ جي شروعات :1997ع
ڇپيل مواد : عبرت مئگزين، ڪاوش، سنڌو.
لکيل صنفون : شاعريءَ ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، بيت، ڪافي، سانيٽ، هائيڪو، ٽيڙو، وائي. نثر ۾ مضمون ، افسانا، ڊراما، ناول.
ڇپيل ڪتاب : 1. چنڊ بنا آڪاش اڌورو(شاعري)، 2. توکي ياد ايندس مان (شاعري).
هڪ ڪتاب شاعريءَ جو ڇپائيءَ هيٺ.
سندس شاعريءَ مان ڪجهه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
ڪاغـــــــذ جي نوٽن تي ايمان وڪامي ٿو
دنيا جي منــــــــــڊيءَ ۾ انسان وڪامي ٿو
هت جسم وڪامن ٿا جذبات وڪامن ٿا
مجبور جوانـــــيءَ جو ارمان وڪامي ٿو
مذهب سان ڪفالت آ درگاهه به ٺيڪي تي
بس نانءُ عقيدت جي هر دان وڪامي ٿو
جنت جــــــي نالي تي آدم جي هي تذليل
بمبار ٿيــــــڻ لئي ٿي حيوان وڪامي ٿو
ڪجهه نوٽن جي عيوض هت ووٽ وڪامن ٿا
۽ وقت اچڻ تي پــــــورو ايوان وڪامي ٿو
هن بي حس نگــــــريءَ ۾ انسان اتي پهتو
هت قبر وڪــامي ٿي شمشان وڪامي ٿو
سرڪاري آفيسن ۾ هي حال وڃي ڏسجان
''صاحب ''کان وٺي ويندي ''درمان'' وڪامي ٿو
ڪُرسي جو مُلهه آهي قانون جي قيمت آ
ٿاڻا به وڪـــــــامن ٿا ، زندان وڪامي ٿو
گستاخي معاف ڪجو انصاف به وڪجي ٿو
هت قلم وڪــامي ٿو فرمان وڪامي ٿو
انسان جــــي اندر۾ احساس مري ويو آ
آڪاش تڏهن هر ڪو سامان وڪامي ٿو
[b]غــــــزل[/b]
تنهنجي طرف ڏسڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو
تو ڏي جهڪي اچڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو
اهڙي عظيم هستي هوندي آ فقط ماءُ
جنهن جي مٿان لکڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو
ڪيڏي به هجي مشڪل آسان ٿي وڃي ٿي
هن ڇانوَ جي ملڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو
مذهب ٿو چوي تنهنجي پيرن ۾ آهي جنت
هيءَ ڳالهه ئي ٻڌڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو
دنيا ۾ ڪوبه رهبر توکان وڌيڪ ناهي
توساڻ گڏ هلڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو
ميدان جنگ ۾ يا جيون جي ڪشمڪش ۾
تنهنجي دُعا وٺڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو
هڪ لفظ ۾ سمايل ڪيڏي مٺاس آهي
توکي "امان" چوڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو
آڪاش عقيدت ۽ اڪسير منجھان تنهنجي
هٿڙن کي ئي چمڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو