شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(147)

تعارف نمبر (147)

[شاعر]

صل نالو: عبدالحميد 
ادبي نالو: عبدالحميد ”حميد“ جسڪاڻي
پيءُ جو نالو: عبدالمجيد 
ذات: جسڪاڻي
جنم تاريخ: 27 مئي 1973ع
ڪرت. هاري ۽ ڳوٺ جي مسجد ۾ بنا پگهار درس ڏيڻ. 
رهائش : ڳوٺ ٻاڙيا پنهور، قاضي عارف، تعلقو ميهڙ، ضلعو دادو
تعليم: ميٽرڪ پاس، ناظره قرآن ڏاڏي حاجي دين محمد جسڪاڻي پڙهايو، اسلامي تعليم به ان وٽان حاصل ڪئي، شاعري ۾ استاد ناظم منگي.
لکڻ جي شروعات: 1988ع
ڇپيل مواد: عبرت، عوامي آواز، سنڌو، هاري، سڦلتا ۽ زرعي ڊائجيسٽ وغيره ۾.
لکيل صنفون: نعت، حمد، ثنا، ڪافي، غزل، نظم وغيره
ٻن ڪتابن جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود.

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

[b]ڪافـــــي[/b]

هي ماڻهو ته سارا، ڀلارا مگر
ڪو ڪنهن سان سٺو، ڪو ڪنهن سان سٺو
مان ڳالهه ڪيان پيو، کولي هينئر
ڪو ڪنهن سان سٺو، ڪو ڪنهن سان سٺو

اولاد ته هڪڙي آدم جي
پر عمل ٿو هر ڪو پنهنجا ڪري
ڀلي ڏسجو دنيا ۾ ڦيرائي نظر
ڪو ڪنهن سان سٺو، ڪو ڪنهن سان سٺو

جي هڪڙو هڪ سان متفق آ
ته ٻيو ٿو مخالف بڻجي وڃي
ٿو هڪڙي طبيعت نه ڌاري بشر
ڪو ڪنهن سان سٺو، ڪو ڪنهن سان سٺو

بس گورو ۽ ڪارو، رنگ اٿس
پر جبلت هر ڪو پاڻ رکي
ڪو مسلم مشرق، ۽ ڪو آ ڪافر
ڪو ڪنهن سان سٺو، ڪو ڪنهن سان سٺو

هت رشتن جي ڪا ڳالهه نه آ
هن ماحول کي مون جاچي ڏٺو
هي هڪڙو ”حميد“ آ، در ۽ گذر
ڪو ڪنهن سان سٺو، ڪو ڪنهن سان سٺو

[b]هارين لاءِ دعــــا
[/b]
مالـڪ سـائين ڪـر خوشحال
هاري منهنجي ملڪ مٺي جا
ٻاجــهه گهــرن پيا ٻـچـڙيـوال
هاري منهنجي ملڪ مٺي جا
رت سـت ڏيئي ملڪ سنـوارن
صبح مسا ڪن پوک جي ڳالهه
هاري منهنجي ملڪ مٺي جا
مٽر مڱيرا توريون ڀينڊيون
بـصـر بادامـيون بـهه بيـمـثال
هاري منهنجي ملڪ مٺي جا
گدرا، ميها، ڇانهان، ڇونهارا
ڪنهن شيءِ جي هت ڪانهي ڪال
هاري منهنجي ملڪ مٺي جا
ساوڻ سيارو سک نه سنڀرن
هر ايندڙ سورن وارو سال
هاري منهنجي ملڪ مٺي جا
جيڪر ڪڙمي ڪين هجن ها
ملڪ نه ٿئي ها مالا مال
هاري منهنجي ملڪ مٺي جا
هر هلائيندي زخمي ٿين ٿا
هيڻا ”حميد“ تن جا حال
هاري منهنجي ملڪ مٺي جا