شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(132) فياض منصور

تعارف نمبر (132)

[شاعر]

اصل نالو : فياض علي
ادبي نالو : فياض منصور
ولديت : منصور سيتائي
ذات : سولنگي
جنم : 26 جون 1991ع
تعليم : بي.اي. ڪرت : شاگرد
لکڻ جي شروعات : 2007ع.
رهائش : قاسم آباد، حيدرآباد.
رابطو : 03332982152
ڇپيل ڪتاب : “چوڏس مينگهه ملهار” مرتب ڪيل 2015ع. 
ڇپيل مواد : سارنگا، هزار داستان، عبرت ميگزين وغيره 
لکيل صنفون : غزل،گيت، وائي، نظم وغيره

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

[b]غـــــــزل[/b]

نه سيني ساڻ تو لايو
پئي ڳوڙهن ئي ڳالهايو

اوهان جي وصل ۾ ٽِڙِيُس
اوهان جي هجر مرجهايو

دڳن ۾ ديد هُئي تولئه
اسان جنمن کان واجهايو

اُميدن کي، اُميدون ڏئي
مون تڙپڻ کي آ تڙپايو

مُنجي ڪو خواب رانديڪو
اکين جو ٻار کيڏايو

فدا فياض توتان ٿئي
صنم مرڪي جي فرمايو

[b]غــــــزل[/b]

تنهنجي پيرن کي چُمن توڏي اچن
خيال جا پوپٽ اُڏن توڏي اچن

درد جي برسات ۾ ٿيون، سانوري
آس جون جهرڪيون پُسن توڏي اچن

مان نه ٿو چاهيان ڪڏهن هڪ پل به ڪو
درد ڪي تو وٽ هجن توڏي اچن

لفظن دردن مان لکين ٿو جي ڪَوِي
سون چاندي سي تُرن توڏي اچن

منهنجي لفظن جي خواهش ڀي ته ڏِسُ
جيئن ئي ڪاڳر تي لهن توڏي اچن

[b]نظـــــم[/b]

نچي ٿو غم
ستارن ٿي ڀڳا آرس

ڏنيون پئي رات اوٻاسيون
سُمهي پيو چنڊ ڀي رولو

تنهنجي پر ياد جا ڏيئا
ٻرن پيا من جي مندر ۾

خيالن کان خيالن مان
اڃا تائين لٿي ناهين

اڃا اکڙين جي شيشي ۾
ڏسان ٿو پيو چِٽي آهين

آ ٺاهيو دل ۾ آکيرو
نظر تنهنجي پکيءَ جي ئي

اُميدن جا اڃا پوپٽ
پيا اُڏرن ٿڪا ناهن

جڏهن توکي ڏسي ٿو غم
ٻڌي ڇيرون نچي ٿو غم