شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(105) سنڌو پيرزادو

تعارف نمبر (105)

[شاعر]

اصل نالو : سنڌو پيرزادو
والد جو نالو: ستار پيرزادو
ذات : پيرزادو
جنم : 11 سيپٽمبر 
تعليم : ايم.اي اردو
ڪرت : سرڪاري نوڪري
رهائش : اِي 15 الشمس ڪومپليڪس، جوهر موڙ، ڪراچي. 
ڇپيل مواد : سنڌي ريکائون، ناٽڪ ميگزين، ڪاوش دنيا، سرتيون، عوامي آواز، سنڌ ايڪسپريس وغيره
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، چؤسٽا وغيره.
ڇپيل ڪتاب : “صليب جاڳ اسان جي” (ترتيب).

سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غـــــــزل[/b]

هي دل اي هرجائي توکي ڳولي ٿي
ڪاٿي آن تنهائي  توکي ڳولي ٿي

ڪنهن جو ٿو آواز ڦُٽي پيو رُوح منجھان
ڄڻ ڪائي شهنائي توکي ڳولي ٿي

آءُ نئون الزام لڳي ڪو جيئن مون تي
راهن جي رسوائي توکي ڳولي ٿي

چپڙن جي هر لفظ ۾ تنهنجي چاهت آ
اکڙين جي گهرائي توکي ڳولي ٿي

هاڻي پنهنجو پاڻ ڪٿي آهي مون ۾
دلڙي ٿي سودائي توکي ڳولي ٿي

آءُ پرين هر رات نهاريان ٿي تو لاءِ
آءُ پرين پُروائي توکي ڳولي ٿي

[b]نظــــــم

(ڌنڌ آ مگر گهري)[/b]

ٻاهريون سڄو منظر
ڌنڌ ۾ وڪوڙيل آ
هر طرف سياري جي 
ٿڌ هارجي وئي آ
ڄڻ دري به ڪمري جي
برف ۾ ڄمي وئي آ
وڻ سڀ هي ساوا
ماٺ منجھه بيٺا هن
دور ڪي ئي ٻڪريون هن
ٻار جيڪي چاري ٿو
پيرُ پيرَ ۾ تن جو
ڄڻ رليءَ جو کڻ آهي
ٻار لئه سڄي دنيا
ڄڻ ته ڪوئي ڌڻ آهي
سيءُ هي ڊسمبر جو
ٻار کي ستائي ٿو
ڌنڌ آ مگر گهري
ڪاٺ جا ڪريل ٽُڪرا
ڇانگ جون سُڪل ڪاٺيون
پن وڻ جا ميڙي
باهه کي ڏئي ڦوڪون
نيٺ هُو جلائي ٿو
هٿ پنهنجا سيڪي هُو
بنسري وڄائي ٿو
دُور ٿورڙو اُن کان
اسپتال سرڪاري
ڄڻ اُجاڙ گھر آهي
ماٺ ٻار ڄاول جي
 ڄڻ ته ڪائي رڙ آهي
آئون پنهنجي ڪمري کان
ٿي ڏسان پئي ٻاهر
برف جهڙو منظر آ
مگ چانهه جو ٺاهي
ڪو ڪتاب کوليان ٿي
جنهن ۾ شاعري آهي
ڄڻ ته منهنجي ڪمري ۾
 باهه ڪا ٻري آهي
