(113) عاجز ڇٽو
[شاعر]
اصل نالو : عبدالغني
ادبي نالو : عاجز ڇٽو
ولد : علي احمد
ذات : ڇٽو
جنم : 02 اپريل 1980
تعليم : مئٽرڪ. ڪرت : هارپو
رهائش : صيفل خان ڇٽو، لڳ اڏيرولال اسٽيشن، ضلعو مٽياري.
رابطو نمبر : 03443524406
لکڻ جي شروعات : 2000ع
ڇپيل مواد : امرتا، هالار، اديب، صبح، عبرت مئگزين، هزار، دستان، سنڌو، سوجهرو، ڪاوش گيئلري، آڪاش، ڪرزما، عقيق، گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “هرگل جي خوشبو پنهنجي“ ۾.
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، چوسٽا، ٽيڙو، ڪهاڻي.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل[/b]
چُني هوا۾ اُڏي رهي آ
لڳي ٿو موسم ڪُڏي رهي آ
اسان جي دل تي اوهان جي سائين
سدائين ڪاتي مُڏي رهي آ
اوهان جي آڏو اسان جي قيمت
ته ٻارَ واري گُڏي رهي آ
حبيب منهنجو رقيب ٿي ويو
تڏهن ته دلڙي ڌُڏي رهي آ
زهر لڳي ٿي حيات مونکي
قدم قدم تي ٿُڏي رهي آ
عجيب آيو آ دور عاجز
وفا جي ٻيڙي ٻُڏي رهي آ
[b]وائــــــي[/b]
روئي ڏنو نيڻن
ننڍڙيءَ ڳالھه تي..!!
اڌو اڌ ڪري ڇڏيو
جيءُ جڏو جذبن
ننڍڙيءَ ڳالھه تي..!!
باھ لڳائي آهي
اندر ۾ اُڌمن
ننڍڙيءَ ڳالھه تي..!!
اڄ وري اوچتو
پاند پُسايو ڳوڙهن
ننڍڙيءَ ڳالھه تي..!!
[b]چؤســـــــٽا[/b]
درد ايڏو بُرو لڳو سائين
ڪاٺ کي جيئن سُرو لڳو سائين
نيڻ تِرڇا کڻي نهاريو تو
هانءُ ۾ ڄڻ ڇرو لڳو سائين
٭٭٭
ڪڏھن ته کُلندي دري وفا جي
کڻي تون ملندين ڀري وفا جي
اوهانجي رخ مان لڳي ٿو مونکي
اميد ناهي ذري وفا جي
٭٭٭
زمين توڙي گگن ٿو روئي
رُٺي آ بُلبُل چمن ٿو روئي
سرير منهنجو سڄو آ چچريل
عجب آ يارو ڪفن ٿو روئي