شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(94) اشرف سولنگي

تعارف نمبر (94)

 [شاعر]

اصل نالو : اشرف علي 
ادبي نالو : اشرف سولنگي
ولد : علي اڪبر
ذات : سولنگي
جنم 10 اپريل 1985 
تعليم مئٽرڪ. ڪرت . درزي 
رهائش. رحيم ڏنو سولنگي، تعلقو مورو، ضلعو نوشهرو فيروز
لکڻ جي شروعات 2000 کان. رابطو: 03038163006
ڇپيل مواد : ريکائون، ميگهه ملهار, ناٽڪ، اخبار، سوڀ، سچ.
لکيل صنفون : غزل، وائي، نظم، گيت وغيره.

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غــــــزل[/b]

شايد تہ رُخصتيءَ جو ٻُڌي هوء رُني چري
چُلھه تي حيات  ساڻ جلي ٿي ڪُني چري

هلندي هلي تہ ساڻ ڊگهي شام ٿي وڃي
هڪ جاءِ تي رُڪي تہ حياتي پُني  چري

هر مرڪ لڙڪ جي بہ مٿان ٿي پهاڄ آ
گوگهي ٿي سسڪيون ڳلو اوڍي چُني چري

ڌَڻ خواهشن جا خوب تہ پردي پُٺيان لُٽيا
هڪ ديد ٿي ڌَنار ۽ ٻي  ٿي مُني چري

منهنجي مٿي تي ساڻ ڪلنگي گلا جي آ
کيڏندي رهي ٿي کيل نئون  ڇو دُني چري

او وقت ڏاوڻيون تو وڌيون سوگهيون ڪري
وِک وِک تي ميار ڏئي ٿي ڀُني چري

[b]غـــــزل[/b]

تنهائي جي رڻن ۾ واڪا ڪَندي وتي ٿي
هڪ آھ زندگيءَ جي  ڇاڇا ڪندي وتي ٿي

ڳلڙا بہ دارَ آهن لڙڪن کي ڦاهيون اينديون
جلاد ديد ڳاڙھي ماڻا ڪندي  وتي ٿي

هن جي اگهاڙي تن کي منهنجي بدن ڍڪيو هو
هاڻي حيا جا ڪيڏا پردا ڪندي وتي  ٿي

جاڙي ندي اُرھ جي پنڇي اُڃارا ڳولهي
پرواز جي پُڄڻ جا سايا ڪندي  وتي ٿي

ننڍڙي عمر اُوڳاڇي پيراسِني پُڳي آ
هر وقت مُند مون سان  هاڃا ڪندي وتي ٿي

سکڻي هٿن تي دٻڪي واجهائي دردن ۾
بک کي وفا جا گهرجن لولا ڪندي  وتي ٿي

[b]وائـــــي[/b]

چيڙھ وارن مان ڇَڻي،
روز لڙڪن کي ڄَڻي.
وَر بنان..!!

طوق رسمون ڪنڌ ۾،
نَٿ اَڙي ڪهڙي وَڻي. 
وَر بنان..!!
مند نکٽّ ساڻ ٿي،
تير هنيا پئي ڳَڻي.
وَر بنان..!!

مڌّ ماٽيءَ جو نشو،
نانگ جوڀن ڪَرُ کڻي.
وَر بنان..!!

ڏنگ سيڪي ڇا ڪنديس،
عمر پن پن ٿي ڇڻي.
وَر بنان..!!
هوءَ پتڻ تي ڪالھه کان،
سوچ جا پَٿر هَڻي.
وَر بنان..!!
