(25) اياز عمراڻي
[شاعر، ڪهاڻيڪار[
اصل نالو ؛ غلام حيدر
ادبي نالو ؛ اياز عمراڻي
والد جو نالو ؛ محمد يعقوب
ذات ؛ عمراڻي
جنم ؛ 01 جنوري 1969ع
رھائش ؛ گلشن حيدر ٽائون ميرپورخاص
رابطو: (2763335_0331)
تعليم ؛ ايم اي ايم ايڊ
لکڻ جي شروعات 1990 کان ڪئي ؛
ميرپورخاص مان [پڙاڏو پبليڪيشن ] جا ٻه پرچا ڪڍيا ؛
ڇپيل مواد ؛ برسات ؛ پروڙ ؛ پرک ؛ عبرت مئگزين ؛ ادب ؛ ٽماھي مهراڻ سوجهرو ۽ ٻين رسالن کانسواء مختلف اخبارن عبرت ؛ پاڪ ؛ ھلال پاڪستان ؛ تعمير سنڌ ؛ مهراڻ سنڌ ايڪسپريس وغيره
لکيل صنفون: غزل، گيت، وائي، نظم، ترائيل وغيره.
ڇپيل ڪتاب :1. لکاڪي ۾ چنڊ (شاعري )
اڻ ڇپيل ڪتاب: 1. ڪهاڻيون ، 2. پروفائيل خاڪا ۽ خط، 3. سفرنامو ايران ۽ عراق جو ، 4. شاعري.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]نظــــــــم[/b]
ڪلاچي ڏسو ڪُن ڏسو مورڙا
ڪُتو ڪيئن چوان ؛ باوفا ڪونهي ؛
ڇتو آ ٿيو ؛ ۽ ڀؤنڪي پيو ؛
رڳو ھن گدڙ ڀڀڪيون ؛ پورڙا ؛
اچو ۽ مڙي مٺُ ٿيون ڀورڙا
لڳايون لنئون ۽ لياري ٿئي
غزاله بتول ؛ بختاور جيان ؛
پيار و پلاند نه پُراڻو ٿئي ؛
بلاول ھجون ۽ نه گهاڻو ٿئي ؟
پُڇون ته ؛ ڪٿان پاڙ پنهنجي پٽين ؛
ڪن ياد ماضي ؛ پُڇن پاڻ کان
چئون ته پٽين اک سياڻا ٿين ؛
ڏسن سنڌ ؛ سمونڊ نه پڇاڻوڪري ؛
اياز نه اياڻا ٿجو ؛ عرب ٻيا
ھي ارغون اٿئو ؛ عيار رت پياڪ ھي ؛
نباھ نيتن ۾ نه ئي ڪا وفا؛
دغاباز دھليءَ جا رولاڪ ھي
دغاباز دھليءَ جا رولاڪ ھي
[b]غـــــــزل[/b]
نيڻ ٻئي چار ڪري بيٺا ھا
دنيا ڌار ڪري بيٺا ھا
پل ۾ ٻريا ۽ ٺريا پئي
ڪو تڪرار ڪري بيٺا ھا
آيا ته الائي به ڪٿان ٿئي
لڙڪ قطار ڪري بيٺا ھا
ھجر عطا ڪيا ؛ پل ۾ زمانا
وصل شمار ڪري بيٺا ھا
ڌنڌ ۾ عرش ڏٺو فرش نٿي
سوال غبار ڪري بيٺا ھا