(40) سائينداد مڱريو
[شاعر]
اصل نالو: سائينداد مڱريو
ادبي نالو: ساڳيو
ولد: جمال دين مڱريو
جنم: 04 مارچ 1984ع
تعليم: گريجوئيٽ
رهائش: امرڪوٽ
رابطو: (3572004_0345)
ڇپيل مواد: ڪاوش دنيا، هلال پاڪستان، عوامي آواز ۽ ٻيا سنڌي رسالا ۽ اخبارون.
صنفون: غزل۽نظم
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
ڪهڙا ميگهه ملهار، آئون سوچيان ٿو
توبن منهنجا يار آئون سوچيان ٿو
دنيا جو سوچي تنهنجي باري ۾
ساري جڳ کان ڌار آئون سوچيان ٿو
تون ڄڻ رانديڪو توکي ماڻڻ لئه
بڻجي ننڍڙو ٻار آئون سوچيان ٿو
موت نه ماريو آ ماڻهو کي ڪڏهن
ماريو آهي ميار آئون سوچيان ٿو
ٿي آ رات ختم پنهنجي ليکي ئي
ياتو ويڙهيا وار آئون سوچيان ٿو
ٻارڻ ٻاريندي مونکي ماريندي
ساجن تنهنجي سار آئون سوچيان ٿو
[b]غــــــــزل[/b]
ڪاُڪُلن کان روز ٿو ڪکجي غزل
ٻانهن تنهنجي ساڻ ٿو ٻکجي غزل
چنڊ جان ٿو چاهه ۾ چمڪي پوي
مُرڪ تنهنجي ساڻ ٿو مکجي غزل
گيت سڀ تنهنجي گلي تان گهورجن
روز تنهنجي راهه ۾ رکجي غزل
ڇير جي ڇم ڇم جيان ڇمڪي نه جو
جک وانگر ڇو ڀلا جکجي غزل
[b]غـــــــزل[/b]
هڪڙو گُل سئو خار اسانجي کاتي ۾
دردن جا انبار اسانجي کاتي ۾
توسان ئي جوڀن آ توسان جيون آ
توبن ڇاهي يار اسانجي کاتي ۾
تنهنجي سوڀ ۽ سوڀيا خاطر او ساٿي
هر هر آئي هار اسانجي کاتي ۾
ڪاش وٺين سئو بار جنم تون دنيا ۾
ڪاش اچين سئو بار اسانجي کاتي ۾
ڀل تون پنهنجي دنيا ۾ ئي رهندو ڪر
چار گهڙيون ڪي گهار اسانجي کاتي ۾
تنهنجون سوچون تنهنجون ڳالهيون ۽ ٻيو ڇا؟
۽ ٻيو تنهنجي سار اسانجي کاتي ۾