شاعري

سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
Title Cover of book سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا

(128) فقير امر عباس

تعارف نمبر (128)

[شاعر]

اصل نالو : عباس علي 
ادبي نالو : فقير امر عباس
ولد : يارمحمد
ذات : ڀنڀرو
جنم : 15 نومبر 1976ع
تعليم : انٽر سائنس. ڪرت : زمينداري
رهائش : شهر دولت آباد، تعلقو کپرو، ضلع سانگهڙ.
لکڻ جي شروعات : 1990ع
رابطو : 03438291705
ڇپيل مواد : مختلف اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾.
لکيل صنفون : غزل، نظم، وائي، بيت، دوها.
ٻن ڪتابن جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود.

سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

[b]غـــــــزل[/b]

روح راڻو راڙ تي مرڪي پيو
عشق مومل ماڙ تي  مرڪي پيو

تون قلندر ڪيترا گهايل ڪندين
لال هڪڙو لاڙ تي مرڪي  پيو

تون کرارن جو ڌڻي وڦلين پيو
هاري  خالي ناڙ تي مرڪي پيو

اک ڏيڍي سان ڏسي ڏيڍي اندر
چنڊ هن جي تاڙ تي مرڪي پيو

ها! ٻٽا ڀاڪر ڀري ڪي ڏينهن ٿيا
ٻک پنهنجي ٻاڙ تي مرڪي  پيو

نيهن جي نانگن ڪکيو آهي امر
جهاڙو هڻندي جهاڙ تي مرڪي پيو

[b]نظــــــم[/b]

روز وڃي ٿي ساز ھو ڇيڙي
ميران کي سمجهائي  ڪوئي
جنهنجي تن جي ھرڻي ڊوڙي
رُخ ڇڏي صحرا جا موڙي
مورن ۾ بس رقص لڇي ٿو
جنهن پل وار ڇڏي ھو ڇوڙي
ڇيرن ڏاڍا ڇرڪ ڀريا ٿي
گهنگهرو جي تسبيح جا داڻا
ڌوڻڻ سان ڄڻ ٻير ڇڻيا ٿي
منهنجيون اکڙيون ٻارن وانگر
تنهنجي تن تان ٻير چُنڊن ٿيون
مونکي منهنجي جانان تون بس
اوچي وڻ جي لام لڳين ٿي
واءُ ڏکڻ جيئن جام لڳين ٿي
روز ٿو ڦاسان روز ٿو ڦٿڪان
ديسي واڻيل دام لڳين ٿي
ناسي مُند ۾ نانگڻ ڪاري
جنهن جي کل تي چمڪي واري
جوڳڻ ڪنهن جو جوڳ ڏسي ٿي
ڪنهن جي من جو روڳ ڏسي ٿي
سانجهي ٽاڻي سانوڻ ساري
ڦُوڪا ڏيئي ڦوڳ ڏسي ٿي
واري تنهنجي لُڇ ٿي لوچي
روز سڙي ٿي سوچي سوچي
پير جنهن جا پُکراج ھجن
۽ نُھن ھجن سڀ نيلم جهڙا
من جو کيت وڃي سا کيڙي
ڇيرن کي ڇمڪائي سوئي
روز وڃي ٿي ساز ھو ڇيڙي
ميران کي سمجهائي ڪوئي
ميران کي سمجهائي  ڪوئي
