(66) بلاول سنڌي
[شاعر[
اصل نالو : بلاول
ادبي نالو : بلاول سنڌي
والد : محمد
ذات : لغاري
جنم : 01 اپريل 1992ع. تعليم : بي ايس سي
ڪرت : ليبارٽري ٽيڪنيشن آرمي
رهائش : تاريخي ماڳ اگهم ڪوٽ جي ويجهو، شهر گلاب لغاري تعلقو چمبڙ، ضلعو ٽنڊو الهيار.
رابطو: 03462553877 . لکڻ جي شروعات : 2007ع
ڇپيل مواد : ٻاراڻي ادب جي رسالن سنڌي ٻارڙا، گل ڦل ۽ سنڌي اخبارن ۾.
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، وغيره.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــزل[/b]
ملڻ جون گهڙيون نقاب ڇو؟
اسان کان ايڏا حجاب ڇو؟
وفا منهنجي کي جفا ئي سمجهئي
رکيا تو اهڙا حساب ڇو؟
لفظ تنهنجا هن بڻڇا ۽ ڀالا
کٽين ٿو هيڏا ثواب ڇو؟
جيئري هوندي قدر نه ڄاتئي
قبر تي هاڻي گلاب ڇو؟
ڏسي ڏکن ۾ کلين سدائين
اکين ۾ آندئي سيلاب ڇو؟
زندگي ڏکن جي ٿئي سيج ،،بلاول
ڏسين ٿو رنگين خواب ڇو؟
[b]نثري نظــــم
[/b]
اڪثر هن کي
اهو چوندو هوس
اسان جي محبت ۾
ڪيڏو نہ فرق
آهي مان توسان
بي پناھ پيار ڪندو آهيان
پر تنهنجن جذبن ۾
اها صداقت نٿو ڏسان
جواب ۾صرف هڪڙو
لفظ چوندي هئي
وقت ٻڌائيندئي
اڄ جڏهن
سالن کان پوءِ ڏٺم تہ خبر پئي
ڪنهنجي جذبن ۾
صداقت هئي..!؟
مان هن جي ملڻ سان
کنڊرن مان گلشن
بڻجي ويس..!!
۽ هو تہ هڪ گلشن هئي
مون سان ملي
کنڊرات بڻجي وئي..!!
[b]غــــــزل[/b]
خطا ۾ وڃائي هي ساري حياتي
ائين ئي اجائي هي ساري حياتي
ڪڏهين نه ڪنهن سان مٺو ڳالهايم
دلڙي لکن جي ڏکائي هي ساري حياتي
ٻڌي ڪين ڪنهنجي مڳي ۾ گذاري
آ پنهنجي هلائي هي ساري حياتي
ڪيو خرچ جيون آ ائين بلاول
ڄڻ هئي ابي جي ڪمائي هي ساري حياتي