ٻه اکر
هڪڙي بزرگ منهنجي سامهون کانئس پڇيو: “سهتا صاحب! اهي پهاڪا ۽ چوڻيون آڻيو ڪٿان ٿا؟ جو ڪينجهر جو جيڪو پرچو کڻ، ان ۾ اوهان جو پهاڪن بابت طويل مضمون موجود آهي.”
جواب ۾ چوڻ لڳس ته؛ “اوهان محسوس ڪيوھوندو ته اوهان ويٺي ڳالهايو ۽ مون ويٺي خاموشيءَ سان ٻڌو، ائين هر ماڻهوءَ جي ڳالهه ٻولهه مان ڪجهه نه ڪجهه جهٽي وٺندو آهيان.”
لاڙڪاڻي جو هڪڙو ڊاڪٽر دوست چوندو اٿم؛ “ناز! ڪڏهن ٿا وهاب سهتي جا پهاڪا ۽ چوڻيون ختم ٿين ته اسين ڪينجهر ۾ ايڏا طويل مضون لکون!” وهاب مونکي ان جو جواب ڏنو؛ “ناز! اهو ڪم ايڏو وڏو آهي جو مون واري زندگي پوري ئي نه پوندي، ان لاءِ الائي ڪيتريون زندگيون کپن.”
انهن سمورين ڳالهين مان اسين اندازو ڪري سگهون ٿا ته وهاب، پنهنجي ان ڪم کي ڪيترو نه سنجيدگيءَ سان کنيو آهي جو سنڌي ساهت گهر طرفان ان موضوع تي سندس هيءُ ٽيون ڪتاب آهي ۽ خبر ناهي وٽس اڃا ڪيترا ڪتاب تيار پيا آهن.
وهاب جيڪو خلوصِ دل ۽ نيڪ نيتيءَ سان اهو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي ۽ ڪنهن جو ٻڌايل هڪ پهاڪو به ضايع ٿيڻ نه ڏنو اٿس ته سنڌ جا ماڻهو به يار جي انهي پورهئي سان پيار ڪرڻ لڳا آهن.
ناز سنائي
حيدرآباد سنڌ
١٢ جولاءِ ٢٠٠٤