56. جنهن ويٺي نه ڄاتو، سو بيٺي ڪهڙو ڄاڻندو؟ (سنڌ ، پهاڪو)
مائيءَ جي پريشاني، ويتر وڌي وئي. هڪ ڏينهن ڌيءَ جي سامهون مڙس کي چيائين؛ “هاڻي! ڇوڪري، ماشا الله، وڏي ٿي وئي آهي!”
“هون!” مڙسهنس اڻ لکو جواب ڏنس.
انهيءَ تي مُٺيان ته ڏاڍي لڳس، تنهن هوندي به پڪو منهن ڪري ڌيءُ کي چيائين؛ “امڙ! اٿي ته بيهه! پڻهين تنهنجو قد ڏسي!”
“امان! اجايو ٿي پاڻ کي خفيف ڪرين!” ڌيءُ چٻو وات ڪري ماءُ کي چيو.
“ڇو امڙ؟ انهيءَ ۾ خفيف ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ تون رڳو اٿي بيهندينءَ ته ڪا گسي نه ويندينءَ؟!” ماءُ ڌيءُ کي زور ڀريندي چيو؛ “امڙ! اٿي ته پيءُ ڏسئي!”
“امان!” پيءُ جي بيرخيءَ تي نڪ کي موڙو ڏيندي ماءُ کي چوڻ لڳي؛ “جنهن ويٺي نه ڄاتو، سو بيٺي ڪهڙو ڄاڻندو؟!”
مطلب: ۱ . جيڪو اشاري سان نه ٿو سمجهي، سو وڏيءَ وضاحت سان ڇا سمجهندو؟!
۲- عقل واري لاءِ، اشارو ئي ڪافي آهي.
۳- ٽٽوءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.