55. جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي؟ (اردو، چوڻي)
هڪڙن ماڻهن مٽيءَ سان انجڻ جي باهه وسائڻ لاءِ جتن پئي ڪيا ته ٻين ڦاٿل ڪلينر کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ جا. نه باهه پئي وِسي، نه ڪلينر پئي نڪتو.
“پيٽرول کي باهه لڳي ته همراه سڙي ڪوئلا ٿي ويندو!” هڪڙي همراهه صلاح ڏيندي چيو؛ “رڳو ٻانهن ڦاٿل آهي!جنھن ڪري سڄو مڙس ڦاٿل آھي. جيڪڏھن ڪاتيءَ يا ڪهاڙيءَ سان ٻانهن ڪپي ڇڏجي ته ھوند باقي مڙس ته بچي پوي. ٻانهن ڪپجي وئي ته به خير آهي! حياتي ھوندس ته مڙس جالي ويندو.”
ٻه ٽي همراهه ڪاتيءَ يا ڪهاڙي هٿ ڪرڻ لاءِ وٺي ڀڳا. وقت تي ننڍي شيءِ به ملڻ مشڪل ٿي ويندي آهي. ڪاتي يا ڪهاڙي هٿ نه آئي، البته مڏو سڏو ڏاٽو هٿ آين. جيستائن اهو کڻي پهتا، تيستائين ٽينڪر مان سِمندڙ پيٽرول کي باهه وچڙي چڪي هئي.
ڦاٿل همراهه جا ڪوڪريا هجن. ڏاٽي وارو همراهه، باهه جي ڄَرَ کان ويجهوئي نه پئي ويو. نيٺ ڏاٽو ڦاٿل همراھ ڏانھن اڇلايائين ته جيئن پنهنجي ڦاٿل ٻانهن پنهنجي اڻ-ڦاٿل هٿ سان ڪپي، پاڻ کي آجو ڪري سگهي. وائيسر سڀني جا خطا ٿي چڪا هئا. اڇلڻ سان ڏاٽو ٿورو پَرَ- ڀرو وڃي ڪريو. ڦاٿل همراهه پاڻ کي ڏاٽي ڏانهن سورڻ جي ڪوشش ڪئي پر پهچي نه پئي سگهيو. ايتري ۾ ٽينڪر ۾ پيل پيٽرول کي وڏي ڌماڪي سان باهه لڳي وئي. انهيءَ ڌماڪي تي گاڏي ٿورو مٿي کڄي وئي ۽ ڏاٽي ڏانهن پاڻ ڇڪڻ سبب، ٻانهن کي ساهَ ملي وئي، جنهن ڪري همراھ آزاد ٿيڻ سان ٻه ٽي هٿ وڃي پري ڪريو ۽ جان بچي ويس.
“بيشڪ!” بيٺلن مان هڪڙي چيو؛ “جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي.”
مطلب: ۱ . خدا تعاليٰ طرفان موت به لکيل وقت / مقرر وقت تي اچي ٿو.
۲- مارڻ واري کان، بچائڻ وارو ويجهو آهي.