لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڪتاب جو سهيڙيندڙ عبد الوهاب سهتو آهي.
Title Cover of book موزون  آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون

1. آپ سکي، جڳ سکي. (هندي، چوڻي)

هڪڙو حجم، بادشاهه سلامت جي سنوارت ڪندو هو. پنهنجي ڪمائيءَ مان ڏهاڪو کن مهرون، بچائي ڀانيءَ ۾ لڪائي رکيون هئائين. بادشاهه ڏيهاڙي کانئس حال احوال وٺندو هئو. پڇندو هئس؛ “اوستا! ڏي خبر! ملڪ جو ڇا حال آهي؟”
“سائين ملڪ سکيو ستابو آهي، انصاف جو دور دورو آهي! امن امان لڳو پيو آهي! شينهن ٻڪري هڪ گهاٽ تي ٿا پاڻي پيئن!” موٽ ۾ سدائين ائين چوندو هيو.
بادشاهه سلامت کي لڪايل مهرن بابت ڪنهن سُڌِ ڏني، جنهن تي مهرون لڪرائي ڇڏيائينس، حسبِ عادت کانئس ٻئي ڏينهن پڇيائين؛ “اوستا ڏي خبر! ملڪ جو ڇا حال آهي؟”
“سائين ! ڀينگ لڳي پئي آهي! ملڪ ۾ اهو امن امان نه رهيو آهي! خوشي ئي موڪلائي وئي آهي، هَٿَ-کَسَ لڳي پئي آهي! ڪو گهر سلامت ناهي! روز کاٽ ٿا لڳن! خوشيءَ وارو زمانو ئي هليو ويو!” حجم ڏڪندڙ هٿن سان جذبات ۾ جواب ڏنو.
خلافِ عادت جواب ٻڌي بادشاهه سلامت پڇيس؛ “اڙي! ڪالهه چيئي ته؛ ملڪ سکيو ستابو آهي! امن امان آهي! راتوڪي رات ۾ اهو ڦرڪو ڪيئن ڦريو.”
“سائين!” حقيقت کان آگاهه ڪندي ٻڌايائين؛ “آپ سکي، جڳ سکي”.
مطلب: ۱ . جيءُ ناخوش، جهان نا خوش.
۲ . جيءُ خوش، جهان خوش.
۳ . هر ماڻهو ٻين کي پنهنجي ڪيفيت آهر سمجهندو آهي.