84. دعا به لڇڻن واري کي لڳندي آھي. (سرو، چوڻي)
هڪ دفعي هڪڙي ميري گدلي/ڇيڳري مائي به وٽس تعويذ لکرائڻ لاءِ آئي ۽ چوڻ لڳس؛ “مولبي صاحب! مرس نه ٿو ٺهي! ڪتاب پٽي ڪو تاويز (تعويذ) لکي ڏي ته مڙس ٺهي هليم“.
مولوي صاحب ٻه تعويذ لکي ڏنس.
”هڪڙو پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌجانءِ ۽ ٻيو پاڻيءَ ۾ پُسائي، مڙس کي پيارجانءِ!“ استعمال جو طريقو ٻڌائيندي چيائينس؛ ”پاڻ کي به صاف سٿرو رکجانءِ!“
اٺين ڏينهن ساڳي مائي وري موٽي آئي ۽ تعويذن بابت شڪايت ڪندي مولوي صاحب کي چوڻ لڳي؛ ”مولبي صاحب! تاويزن ته اثر ئي نه ڪيو“.
”مائي! جيستائين تو وارو اڻ ڌوتل منهن ۽ ميرا لٽا نه مٽبا، تيستائين منهنجا تعويذ اثر نه ڪندا.“ مائي جي جسم مان اٿندڙ ڌپ کان نڪ تي هٿ رکندي، مولوي صاحب چيو؛ ”دعا به لڇڻن واري کي لڳندي آهي!“
مطلب:۱- اڻ سڌي رستي تي هلڻ کان، سڌي رستي تي هلڻ چڱو آهي.
۲- دعا سڳي کان، لڇڻ ۾ اثر وڌيڪ آهي.