120. گھٽو ڌارجي ان لاءِ، هٿان چري ڪپاه. (هندي، پهاڪو) هڪڙي هاريءَ اُنَ / ڏاسَ هٿ ڪرڻ لاءِ هڪڙو گهٽو ڌاريو. گھٽو هڪ ڏينهن تَنگَ ڇنائي وڃي وونئڻن ۾ پيو. هاري پيرو کڻي وڃي ڏسي ته ڏينو / گوگڙا ويٺو ٿو چري. اها حالت ڏسي، حيرت مان چوڻ لڳو؛ “گهٽو ڌاريم اُنَّ لاءِ، هٿان چري ڪپاه.” مطلب: ۱ . نوڪر ڪم لاءِ رکيم، هٿائين خدمت ڪرائي. ۲ . گادر آڻ اُنَّ ڪو، بئٺي چري ڪپاس. (هندي) ۳ . جنهن ڪم مان فائدي بجاءِ نقصان پوي، تنهن لاءِ ائين چيو ويندو آهي.