43. پنڻ کان وڌيڪ ڪهڙو نڀاڳ آهي! (ساهتي ، چوڻي)
فقير به گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيو ويٺو هئو. يڪدم سندس مراد کي سمجهي ويو ۽ چيائينس: “ابا! سِتارَ- پيشاني هوندي ته مون کي ڇا ڪندي؟ پنان ته اڳيئي ٿو. سِتارَ- پيشاني کان ڇا لاءِ ڊڄان!” بحث جا سمورا دروازا بند ڪندي چيائينس: “پنڻ کان وڌيڪ ڪهڙو نڀاڳ آهي.”
مطلب: نڀاڳ / سڀاڳ ڪنهن به شيءِ جي هجڻ يا نه هجڻ ۾ مضمر ناهي.