117. کيتي ، سِرَ سَيتِي (سنڌ چوڻي)
عبارت تي انڌو اعتبار ڪري تمام گهڻي زمين آباد ڪرايائين. مگر پاڻ ڪڏهن به زمين جي نظر داري يا سنڀال تي نه ويو. ڀاڻَ، رونبي، پاڻيءَ، ڪلر بنجهر ۽ جهار جو ته خيال ئي نه ڪيائين . اُلٽو آمدني جي آسري تي عياشين ۾ وقت گهارڻ لڳو.
بٽئيءَ وقت ڪي به ڪين آيس. وياجي وڏيري جي هاريءَ وانگر، بٽئيءَ واري ڏينهن به بوڇڻ ڪلهي تي رکي نڪتو. خرچ سمورا ڳچيءَ پئجي ويس. پيل نقصان سبب گهر ئي ڀينگ ٿي ويس، جنهن ڪري روئڻ رڙڻ ۽ قسمت کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو.
“تو زمين کي بيگانو ڪري ڇڏيو! نه محنت ڪيئي، نه سار لڌئي! پوءِ ڪيئن ڪمائي ٿيندئي؟!” ٻئي زميندار نصيحت ڪندي چيس؛ “کيتي، سِرَ سَيتِي.”
مطلب : ۱ . مالڪ ته مالڪي.
۲ . ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.
۳ . گهڻَ پُٽاڻِ بَکِري، کائي وئي جهار .
۴ . اب پڇتائي ڪيا هووت، جب چڙيا چگ گئي کيت.