81. خدا تعاليٰ ڇپر ڦاڙي ڏئي ٿو. (هندي ،چوئي )
ٻئي سال قحط پيو. جهنگ ۾ رهندڙ انهيءَ هاري وٽان به اَنُّ کپي ويو. کيس بادشاھه واري ڳالھ ياد آئي ۽ درٻار ۾ اچي پهتو. بادشاھه ان وقت جمعي جي نماز پڙهڻ ويو هو، اهو ٻڌي هيءَ به نماز پڙهڻ ويو. نماز بعد ڏٺائين ته بادشاھه پاڻ به هٿ کڻي خدا کان پني رهيو هو. يڪدم خيالُ مٽيس. دل ۾ چيائين؛ ”جنهن کان بادشاھه پيو گهري مان به سڌو سنئون ان کان ڇونه گهران.”
دعا گهري ڳوٺ ڏانهن راهي ٿيو.
رستي ۾ ٿڪجي هڪڙي وڻ هيٺان ستو ته خواب ۾ نياءٌ ٿيس؛ ”وڻ هيٺان ديڳ دنيا جي پوريل آهي ! کوٽي کڻ ! ”
سجاڳ ٿي وڻ هيٺان کوٽيائين ته ناڻي سان ڀريل ديڳ هٿ آيس. چانديءَ جي سڪن ۾ ڏاڍو وزن هو، کڻڻ واري ڳالھ منجهائي وڌس.
منجھيو ويٺوھو ته چار چور اچي لانگھائو ٿيا. ناڻو ڏسي بئھو رھيا. لالچ ۾ اچي کيس ٻه چار چنبا هڻي ڀڄائي ڪڍيائون. پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ ديڳ جو ڍڪ کوليائون ته اندران نانگ ۽ وڇون نڪرڻ لڳا. يڪدم ڍڪ بند ڪيائون ۽ چوڻ لڳا؛ ”اهو همراهه جادوگر هو! جادوءَ جي زور تي ناڻي کي نانگ بلائون ڪري ويو آهي ڇو نه ساڻس جوڳي جٺ ڪجي! ”
چارئي ڄڻا ڪلهن تي ديڳ کڻي سندس پيرو وٺيون هليا . هاريءَ جي جهوپڙيءَ مٿان ديڳ سميت چڙهي ويا. ڇت کي سوراخ ڪري ديڳ ئي کڻي نايائون.
”بيشڪ!” هيٺان ستل هاريءَ، ڇت مان ٽِمندڙ ناڻو ڏسي چيو؛ ”خدا تعاليٰ ڇپر ڦاڙي ڏئي ٿو“.
مطلب؛ خدا تعالي نوازڻ لاءِ وسيلي جو محتاج ناهي.