116. کاڻي کِچڻي، اونڌا طباخ. (سنڌ ، پهاڪو) هڪڙو همراه ٻاهران بک ۾ پاھُ ٿي گھر پهتو. سڏ واڪو ڪيائين. گهر ۾ ڪا پهر ئي ڪا نه هئي. ڪنهن نه ٻڌس نه ورنايس. ٿَيَان ٿَيَان ڪندي بورچيخاني ۾ گهڙيو. ڀَتَ جو ديڳڙو چلهه تي ٻڦڪيو پئي. کائڻ جو ٿانءُ مٿي اونڌو پيو هيو. ڍَڪُ لاهي ڏٺائين ته ديڳڙي جو ترو ئي لڳي ويو هو. منجهانئس ڀت جي سڙانڊ واري تکي بُوءِ اچي رهي هئي. ايتري ۾ جوڻس به پاڙي مان گهمي ڦري موٽي آئي ۽ اچڻ سان پڇيائينس؛ “مئا! ڳريئي ڀَتُ! ڪِن، اڃا ويٺو ٿو منهنجو انتظار ڪرين؟!” “ڪهڙو وري ڀَتُ رڌو اٿئي!” جوڻس تي ڪاوڙ ڪندي چوڻ لڳو؛ “کاڻي کِچڻي، اُونڌا طباخ!” مطلب : ۱ . ڀَتُ سڙيل، ٿانءُ اونڌو. ۲ . جيڏانهن تيڏانهن چنڊائپ لڳي پئي آهي. (جملو)