148. وَرُ ته پهريون وَرُ، ٻيو آهي ڪارنهن جو ٺِڪرُ. (ساهتي، چوڻي)
مائي جوان به هئي ۽ سهڻي به. سونهن ۽ جوانيءَ تي ناز به هيس ته مڙس جو کَپُ به هئس. طلاق جو داڳ لڳڻ سبب ڪير به ساڻس تڪڙ ۾ شادي ڪرڻ لا تيار نه ھئو. جنھن سبب منهن وڃي ڀِتِ سان لڳس. آخر هڪڙي شادي شده ۽ اڌڙوٽ عمر واري دولتمند سان شاديءَ لاءِ راضي ٿي وئي.
مڙس ته کيس ڏاڍو گهرندو هو ۽ ٻچن جو به ڏاڍو خيال ڪندو هئس. تنهن هوندي به مائي دلي طرح راضي نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن صبح جو اٿي ڪَهات ڪري چوندي هئي؛ “هاءِ پهريان مڙس!”
“امان! بابا ته توکي روزانو ماريندو هو! ڏک ڏيندو هيئه! اسان کي به ان کان وڇوڙيئي. تنهن ھوندي به تو کي اهو ياد آهي؟ آخر ڇو؟!” هڪ ڏينهن اڳئين مڙس مان ڄاول پٽ چئي ڏنس.
“ابا مارون به مڙس ڏيندا آهن! تڏهن ٿي چوان!...!” پٽ کي سمجهائيندي چيائين؛ “وَرُ ته پهريون وَرُ، ٻيو آهي ڪارنهن جو ٺڪر.”
مطلب : ۱. نعمت کسجڻ کانپوءِ ئي، ان جو احساس ٿيندو آهي.
۲ . هر ڪنهن کي پنهنجو ماضي ڏاڍو پيارو لڳندو آهي.
۳ . اڳي جھڙا مرد، هاڻي ناهن.